21 بدھ , نومبر 2018

ايشيا ڪپ مان ڇو ڊراپ ڪيو ويو؟ پروفيسر جو پي سي بي چيئرمين ڏانهن خط

لاهور(اسپورٽس نيوز) سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ تنزلي ۽ ايشيا ڪپ مان ڊراپ ڪرڻ تي محمد حفيظ چپ جو روزو ٽوڙي ڇڏيو ۽ شڪايتن سان ڀرپور خط نئين چونڊيل پي سي بي چيئرمين احسان ماني ڏانهن موڪلي ڇڏيو. تفصيل موجب سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ تنزلي بعد ايشياڪپ مان آئوٽ ڪرڻ تي محمد حفيظ پي سي بي چيئرمين کي پُرزور اپيل ڪئي آهي. پروفيسر لکيو آهي ته سليڪشن ڪميٽي ۽ ٽيم مينجمنٽ لاڳيتو نظر انداز ڪري رهي آهي، جيڪڏهن  اهڙو ئي رويو رهيو ته مان پاڪستان لاءِ وڌيڪ ڪرڪيٽ نه کيڏي سگهندس، پي سي بي چيئرمين توهان پاڻ ان معاملي کي ڏسو ۽ مناسب موقعو ڏيو ۽ جيڪڏهن ڪاڪردگي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب نه ٿيس ته ڊراپ ڪيو وڃي. محمد حفيظ خط ۾ ڄاڻايو آهي ته اهڙي رويو کان بهتر آهي ته هو سدائين لاءِ عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي  هاڪي ٽيم عالمي ڪپ ۾ شرڪت لاءِ 25 نومبر تي ڀارت روانو ٿيندي

لاهور (ويب ڊيسڪ ) قومي هاڪي ٽيم عالمي ڪپ ۾ شرڪت لاءِ 25 نومبر تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے