12 پیر , نومبر 2018

وفاقي ڪابينا پاران ملڪ جي لٽيل دولت واپس آڻڻ جو فيصلو، ٽاسڪ فورس قائم

The decision to withdraw money from the foreign country by federal cabinet, Task Force was established

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا پرڏيهي ملڪن مان ملڪ جي لٽيل دولت جي واپسي لاءِ اهم فيصلو ڪري ورتو، جنهن لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي . وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿي گذريو، جنهن دوران 8 نڪاتي ايجنڊا غور هيٺ آئي. اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا پرڏيهي ملڪن مان رقم جي واپسي لاءِ فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان حوالي سان ٽاسڪ فورس جوڙڻ لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ يونٽ قائم ڪيو ويو آهي، فواد چوڌري ٻڌايو ته پرڏيهي ملڪ هڪ ارب رپين جي غيرقانوني ملڪيت جي نشاندهي ڪرڻ واري شخص کي ويهه ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا. ان موقعي تي صلاحڪار بيئرسٽر شهزاد اڪبر چيو ته پرڏيهي ملڪن ۾ موجود رقم جي معلومات فراهم ڪرڻ واري شخص جو نالو راز ۾ رکيو ويندو. سڌسماءَ واري وزير ٻڌايو ته تعليم واري شعبي ۾ بهتري لاءِ پڻ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي سربراهي ۾ هڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي، مدرسن سميت سمورن اسڪولن ۾ هڪ جهڙو نصاب لاڳو هوندو، جڏهن ته خانگي اسڪولن جون فيسون به مناسب سطح تي آنديون وينديون. فواد چوڌري موجب نصاب لاءِ صوبن کي ڀائيواري ڏني وئي آهي ۽ خانگي اسڪولن جون فيسون اسٽريم لائن ڪرڻ جو چيو ويو آهي، وزيراعظم اسڪولن ۾ جسماني سزائن تي پابندي جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا اجلاس دوران وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جا سمورا صوابديدي فنڊ ختم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. فواد چوڌري ٻڌايو ته ڪابينا جا 80 ارب رپين جا صوابديدي فنڊ هئا، جيڪي واپس ڪيا ويا آهن، 80 ارب رپين جا فنڊ پارليامينٽ وٽ واپس هليا ويا آهن. هن چيو ته وفاقي وزير ٻارن سان زيادتي ۽ چالنڊ ليبر کي روڪڻ لاءِ قدمن کڻڻ جي به منظوري ڏني آهي، اسٽريٽ چلڊرنز لاءِ سڄي ملڪ ۾ يتيم خانا به قائم ڪيا ويندا، ان سان گڏوگڏ هن ٻڌايو ته اوور سيز پاڪستانين سان رويي کي بهتر بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا ويندا، وزيراعظم ليپ شاپ سميت سموريون اسڪيمون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ختم نه ڪيا پيا ڪيون. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم آفيس ۾ احتساب جو خاص سيل ٺاهيو ويو آهي، ملڪي ناڻو ٻاهر منتقل ڪندڙ 100 وڏن نالن جي فهرست تيار ڪئي وئي آهي، انهن خلاف اعليٰ سطحي جاچ لاءِ هڪ وڏي احتساب ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ نيب، ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس ادارن جون اختياريون به شامل آهن. فواد چوڌري چيو ته ڪميٽي سموريون شاهديون گڏ ڪري 100 نالن کي جلد منظر تي آڻيندي، ڪميٽي ٽن مهينن ۾ نيب کي شاهدين سوڌو ڪيس موڪليندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے