16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: ڊگهڙي : ايس ايس ٽي ۽ ڪيو اي ٽي طرفان فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

Dighri: Protest against the action of harassment with farzana Jamali*ڊگهڙي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ طرفان شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاھ ۾ فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ڪارڪنن انور نوحاڻي، ڏاڏا قادر ڀرڳڙي، مزمل شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ شاگردياڻين  کي جنسي حراسان ڪرڻ وارن واقعن تي  سنڌ حڪومت خاموشي اختيار ڪري سنڌ جي عوام سان ويساھ گهاتي  ڪئي آهي.

هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  يونيورسٽي جي وائس چانسلر ارشد سليم ۽ پروفيسر عامر خٽڪ کي معطل ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري جيل حوالي ڪيو  وڃي ٻي صورت ۾  سڄي سنڌ ۾ احتجاجن جو دائرو وڌايو ويندو،،……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے