15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |حيدرآباد: حيسڪو ملازم آفيسر جي رويي کان تنگ ٿي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

حيدرآباد ۾ حيسڪو ملازم آفيسر جي رويي کان تنگ ٿي پاڻ کي آفيس ۾ باهه ڏئي ڇڏي.

قاسم آباد جي حيسڪو آفيس ۾  سئيپر پطرس مسيح پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي.

سڙي زخمي ٿيل ملازم کي کي فوري طور تي سول اسپتال منتقل ڪيو ويوجتي کيس سبي امداد ڏني پئي وڃي.

زخمي ملازم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ مٿس چوري جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو جنهن تي  پاڻ کي باهه ڏني آهي.

هن چيو تھ هن چوري ناهي ڪئي مٿس ڪوڙو الزام هنيو ويو آهي.

زخمي ملازم جي امڙ چيو تھ سندس پٽ کي چئن بارڙن جو الد آهي هن مٿان چوري جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي.

حيسڪو ترجمان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تھ ملازم گهرو پريشانين کان تنگ اچي آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي.

ترجمان جو چوڻ هو تھ باهه واري معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي، اصل حقيقت جي جلد خبر پئجي ويندي.

هوڏانهن ايڪسيئين جو چوڻ هو تھ ملازم بجلي جي پول تي چڙهي ويو هو ، هن کي هيٺ لاٿو ويو تھ هن پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي.

زخمي ملازم کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے