14 بدھ , نومبر 2018

نيوز |نوابشاهه: شاگردياڻي کي هيسائڻ واري ڪيس ۾ وي سي ۽ استاد جي ضمانت منظور

نوابشاهه ۾ سياسي سماجي ڌرين  پاران شاگرياڻي فرزانه جمالي کي انصاف نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو ايس ٽي پي جي نثار، رفيق ملاح ۽جسقم جي علي رضا ۽ سرفراز ميمڻ سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ سول سوسائٽي ۽ شاگردن شاگردياڻي کي هيسائيندڙ وي سي ۽ استاد خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي احتجاج ڪيو.

جي چاچي اقبال جمالي ۽ ٻين اڳوڻن خطاب ڪندي چيو ته شاگردياڻي سان ظلم ڪندڙ وي سي ارشد سليم ۽ پروفيسر عام خٽڪ کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ۽ نياڻي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي هنن چيو ته

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته وي سي ارشد سليم جي موجودگي ۾ نياڻيون شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ نٿيون پڙهي سگهن، ضلعي انتظاميه نياڻي کي انصاف ڏيڻ بدران ملوث جوابدارن جي مدد ڪري رهي آهي.

هنن چيو ته تعليمي ادارن ۾ اهڙي ڪردار جا استاد ويٺل هوندا ته ڪا به نياڻي تعليم پرائي نه سگهندي، فرزانه جمالي سنڌ جي نياڻي آهي، کيس انصاف ڏيارڻ لاءِ هو سراپا احتجاج هوندا.

اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته ٽن ڏينهن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري فرزانه جمالي جي والد کي آزاد ڪيو وڃي، نه ته هو 7 سيپٽمبر تي سنڌ گير احتجاج ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے