15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |خيرپور: رهواسين جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف احتجاج

خيرپور ۾رهواسين پاران سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سيپڪو آفيس آڏو لقمان جي رهواسين عبدالجبار، سليم ۽ مجيب سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو.

رهواسين جو چوڻ هو ته ٽي ٽرانسفارمر سڙيل آهن، ڪيتري عرصي کان ٽرانسفارمر تبديل ناهن ڪيا ويا، جنهن سبب هو ڏکياين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته ٽرانسفارمر جي تبديلي لاءِ هنن پئسا به ڀريا آهن، پر ان باوجود ٽرانسفارمر تبديل نه ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

رهواسين الزام هنيو ته سيپڪو ملازم بجلي چوري ڪرائڻ سان گڏ غير قانوني ڪنيڪشن ڏين ٿا.

هنن سيپڪو اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرائن، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص ۾ نينگر گٽر نالي ۾ ڪري فوت

ميرپورخاص  ۾ نينگر  گٽر نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو . ايوب نگر جو رهواسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے