21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |غوثپور: اوڳاهي برادري جي ماڻهن پاران ٻن ڄڻن جي گرفتاري خلاف احتجاج

غوثپور ۾ اوڳاهي برادري جي ماڻهن پاران ٻن ڄڻن جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ملان مينهون ڀرسان عبدالحميد، ۽ ڪمال اوڳاهي جي اڳواڻي ۾ ٻين ٻن ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪرڻ تي ڪنڌڪوٽ پوليس خلاف احتجاج ڪيو.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي اوڳاهي برادري جي ماڻهن الزام هنيو ته راحب ۽ علي اوڳاهي کي پوليس گرفتار رڪي گم ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته ٿاڻي تي ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿيل‏، پر ان باوجود پوليس ظلم ڪري سندن ماڻهن کي گرفتاري بعد گم ڪري ڇڏيو آهي.

ڳوٺاڻن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته گرفتار ماڻهن کي عدالت آڻي ظاهر ڪن، نه ته هو هاءِ ڪورٽ ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : اسلام آباد: پي ايس ايل چوٿين ايڊيشن جي ڊرافٽنگ تقريب

پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ جي تقريب اسلام آباد ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے