17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |ڄامشورو: عاشوري جي ڏهاڙن دوران امن امان جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلا

ڄامشوري ۾ عاشوري جي ڏهاڙن دوران امن امان جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي.

ڊي سي ڪئپٽن رٽائرڊ فرالدين مصطفيٰ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ، رينجرس ، صحت ، بلڊنگس ، حيسڪو ، پوليس ۽ ٻين واسطيدار کاتن جي عملدارن ۽ مختلف فرقن جي عالمن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي سي چيو ته  محرم الحرام جي عاشوري  دوران سندس آفيس سميت اسسٽنٽ ڪمشنرن جي آفيسن ۾ پڻ ڪنٽرول روم جوڙي جائزو ورتو ويندو.

هن چيو ته عاشوري دوران امن ۽ امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ انتظاميه سان سهڪار ڪئي وڃي ته جيئن عاشورو پرامن نموني سان پڄاڻي تي پهچي.

سندس چوڻ هو ته محرم دوران ڪيبل تي اسلامي پروگرامن کان علاوه ڪو به پروگرام هلائڻ جي اجازت نه هوندي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڊي سي پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو امام بارگاهن ۽ نڪرندڙ ماتمي جلوسن کي مڪمل سيڪيورٽي ڏئي ماتمي جلوسن دوران شرپسندن عنصرن تي ڪرڙي نظر رکن.

ٽائون ڪميٽين جي چيئرمينن کي هدايت ڪندي ڊي سي چيو ته ماتمي جلوسن ۽ جلسن جي گذرگاهن وارن هنڌن جي صفائي سٿرائي ۽ پيل بلڊنگ مٽيريل کي هٽائڻ جا جوڳا انتظام ڪن.

ڊي سي چيو ته محرم الحرام دوران هر صورت ۾ امن امان  برقرار رکيو ويندو ۽ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: غلام نبي شاھ: جمعا ۽ سگا شاخ جي پڇڙي جي  آبادگارن  جو پاڻي نه پهچڻ خلاف مظاهرو

غلام نبي شاھ ۾ جمعا ۽ سگا شاخ جي پڇڙي جي  آبادگارن ٽن مھينن کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے