21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |مورو: ڪارڪنن کي گم ڪرڻ خلاف غيرقانوني عمل آهي: سياسي اڳواڻ

موري ۾ گهرن تي چڙهائي ڪري سياسي ڪارڪنن کي گم ڪرڻ خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي مختلف سياسي اڳواڻن چيو آهي دنيا جو ڪو به قانون ته بنا جواز چڙهائي ڪري سياسي ڪارڪنن کي گم ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي.

سنڌ هائوس ۾ عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي جيئي سنڌ محاذ جي هاشم کوسي، عوامي ورڪرز پارٽي جي يونس راهو ۽ ايس يو پي اڳواڻ اسلم چيو ته سياسي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهائي ڪري کين گم ڪرڻ انساني حقن جي لتاڙ آهي.

هنن چيو ته بنا جواز چوديواري جو تقدس پائمال ڪري ممتاز، فريد ڪلهوڙي ۽ بلاول سميت ٻين سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، اهڙو عمل انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.

سندن چوڻ هو ته هو عدم تشدد جي سياست ڪندڙ پرامن ڪارڪنن آهن، ان باوجود پنهنجا حق گهرڻ تي کين کنڀي گم ڪيو پيو وڃي.

اڳواڻن چيو ته هو اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، اهو سلسلو بنا دير ختم ڪري انساني حقن جو مان رکيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے