15 جمعرات , نومبر 2018

رنبير ۽ عاليا جي شادي تي ڪو اعتراض ناهي: رشي ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار رشي ڪپور چيو آهي ته مون کي رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ جي شادي تي ڪو اعتراض ناهي، رنبير کي ڪجهه سان وڻي شادي ڪري سگهي ٿو، اها سندس زندگي آهي. تازو هڪ ڀارتي ويب سائيٽ ممبئي مرر کي انٽرويو ڏيندي رشي ڪپور پنهنجي پٽ رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ جي شادي جي حوالي سان گردش ڪندڙ خبرن تي تبصرو ڪندي چيو ته مون کي انهن جي شادي تي ڪو اعتراض نه هوندو، اها رنبير جي زندگي آهي، هو جنهن سان چاهي شادي ڪري سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته مان، منهنجي گهرواري ۽ رنبير ٽنهي کي عاليا ڀٽ پسند آهي، پٽ تي پنهنجي مرضي هلائڻ نٿو چاهيان. رشي ڪپور چيو ته مان به پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪئي هئي، تنهن ڪري منهنجي پٽ کي به حق آهي ته اهو جنهن سان به چاهي شادي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته هاڻ رنبير کي شادي ڪري ڇڏڻ گهرجي، ڇو ته مان به پنهنجي پوٽي ۽ پوٽي کي کيڏائڻ چاهيان ٿو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shah Rukh Khan's "wardrobe" is bigger than my house: Amir Khan

شاهه رخ خان جي“الماڙي” منهنجي گهر کان وڏي آهي: عامر خان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان شاهه رخ خان کي پاڻ کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے