18 منگل , دسمبر 2018

پ پ گئس اگهن ۾ واڌ رد ڪري ڇڏي، احتجاج جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي گئس اگهن ۾ واڌ جو فيصلو رد ڪندي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. پ پ ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر گئس جي اگهن ۾ واڌ واري فيصلي جي مذمت ڪندي چيو ته رليف ڏيڻ جا واعدا ڪندڙن مهانگائي آڻي ڇڏي، حڪومتي منصوبي جو پهريون تحفو گئس اگهن ۾ واڌ آهي، گئس جي اگهن ۾ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ظلم آهي، پيٽروليم شين جا اگهه گهٽائي گئس جا اگهه وڌايا ويا. هن چيو ته عمران سرڪار اڳ ئي بجلي جي اگهه ۾ اضافو ڪري چڪي آهي، ڪٿي آهن اهي جيڪي چوندا هئا ته اقتدار ۾ ايندي ئي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏينداسين. سندس چوڻ هو ته پ پ گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ خلاف پارليامينٽ سميت هر فورم تي احتجاج ڪندي، عوام کي حڪومت جي رحم ڪرم تي نه ڇڏينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوڪرين جو رڳو اعلان ناهي ڪيو، عمل به ٿيندو: ڄام ڪمال

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته نوڪرين جو رڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے