20 منگل , نومبر 2018

آمريڪا سان احترام جي بنياد تي مستحڪم لاڳاپا چاهيون ٿا: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ لاڳاپن جي بحاليءَ لاءِ پراميد آهي. آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو پاڪستان جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم طرفان آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات بابت پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب عمران خان جو چوڻ هو ته منهنجي حڪومت جي ايجنڊا انساني ترقي ۽ غربت جي خاتمي تي ڌيان رکڻ آهي، حڪومت جي ترجيحن ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام بنيادي جُز آهي. وزيراعظم موجب پاڪ – آمريڪا لاڳاپا احترام ۽ اعتماد جي بنياد تي مستحڪم بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته پاڙيسرين سميت خطي جي ملڪن سان امن تي ٻڌل لاڳاپا چاهيون ٿا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

هوائي اڏن جي زمينن تي قبضا مافيا جا ديرا

لاهور(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف هوائن اڏن جي زمينن تي به مافيا جي قبضي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے