14 بدھ , نومبر 2018

نيوز |سنڌ ڪابينا ۾ وڌيڪ 4 وزير شامل،ميمبرن جو انگ وڌي 12 ٿي ويو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا ۾ وڌيڪ 4 وزير شامل ڪري ڇڏيا، ميمبرن جو انگ وڌي 12 ٿي ويو.

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ڪابينا ۾ شامل ڪيل وزيرن ۾ مڪيش ڪمار چاولا، امتياز احمد شيخ، سيد ناصر شاهه ۽ فراز احمد ڏيرو شامل آهن.

سنڌ ڪابينا ۾ وڌيڪ 4 چار وزير شامل ڪرڻ سان ميمبرن جو انگ وڌي 12 ٿي ويو، جڏهن ته سنڌ ڪابينا ۾ 2 صلاحڪار پڻ شامل آهن.

گورنر هائوس ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل نون چونڊيل وزيرن کي قسم کڻايو.

تقريب ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جو اڳواڻ صدر نثار کهڙو، صوبائي وزيرن، صوبائي صلاحڪارن،  چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ سميت بين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

قسم نامي بعد وڏي وزير ۽ سنڌ گورنر نون صوبائي وزيرن کي واڌايون ڏنيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے