14 بدھ , نومبر 2018

ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي  حمايت جاري رکي ويندي، گڏيل قومون ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان سان آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪشمير جي موجوده صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان اسلام آباد ۾ عمران خان سان ملاقات ڪري کيس وزير اعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي ٻنهي شخصيتن ۾ آزاد ڪشمير جي صورتحال، امن امان ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي بابت ڳالهيون ٿيون. آزاد ڪشمير جي صدر وزير اعظم کي والاريل ڪشمير جي عوام تي ڀارتي فوج جي ظلمن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي وزير اعظم عمران خان ڀارتي ظلم ۽ بربريت ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، سندس چوڻ هو ته عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايف آءِ اي جي سادي سوالنامي جو جواب ڏيندس: خالد مقبول صديقي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے