15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |ڪورنگي: ڪوئلي جي نقصانن بابت جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي

ڪورنگي ڀرسان فشر فوڪ فورم پاران ڪوئلي جي نقصانن بابت جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

ابراهيم حيدري ۾چيئرمين فشر فوڪ  فورم محمد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ سچل ھال کان يونين ڪونسل تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

ريلي کي خطاب ڪندي محمد علي شاهه چيو ته ڪول مائننگ سان صحت ، حفاظت ۽ ماحولياتي مسئلن سميت ٻيا ڪيترائي مسئلا پيدا ٿين ٿا، جنهن سبب فطرت ۽ انسانن کي وڏو نقصان ٿئي ٿو.

هن چيو ته ڪوئلي جي مائننگ ۽ ٻارڻ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح انساني صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار ٿيندا آهن.

سندس چوڻ هو ته ڪول پاور پلانٽس 19 ارب ڪيوبڪ ميٽر تازو پاڻي واپرائين ٿا، ساليانو دنيا جا ڪول پاور فائرڊ پلانٽس ايترو گھڻو پاڻي واپرائين ٿا جو ان پاڻي مان دنيا جي هڪ ارب ماڻهن جي پاڻي جهڙي بنيادي ضرورت پوري ڪري سگھجي ٿي.

محمد علي شاهه چيو ته شڪاگو اسڪول آف هيلٿ جي تحقيق موجب رڳو چين ۾ هر سال ڪوئلي جي ٻارڻ سبب اڍائي لک ماڻهو مرن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| آصف زرداري بحرانن مان نڪرڻ ڄاڻي ٿو: مير منور ٽالپر

پيپلزپارٽي ميرپورخاص جي صدر  ۽  ايم اين اي مير منور ٽالپر چيو آهي ته آصف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے