19 پیر , نومبر 2018

نيوز |ڇور: جيلاني جماعت جي روحاني پيشوا جا بينر ڦاڙڻ خلاف احتجاج

ڇور ۾ رهواسين پاران پ پ ايم اين اي ۽ جيلاني جماعت جي روحاني پيشوا جا بينر ڦاڙڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو ڪائونسلر جانب علي ھاليپوٽو، چنيسر سميجو ۽ احمد علي سميت ٻين پ پ ايم اين اي نورمحمد شاهه جيلاني ۽ ٻين جا بينر ڦاڙڻ خلاف احتجاج ڪيو.

هنن چيو ته اڻڄاتل ماڻهو ايم اين اي ۽ جيلاني جماعت جي روحاني پيشوا پير نور محمد شاھ جيلاني جي نالي سان لڳل سائن بورڊ لاھي کڻي فرار ٿي ويا آهن.

سندن چوڻ هو ته پ پ اڳواڻن جا ڦوٽو ڦاڙي اڇليا ويا آهن، جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بينر ڦاڙيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪن، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے