13 منگل , نومبر 2018

نيوز |سانگهڙ: پوليس جي ڪارروائي، 5 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار

سانگهڙ ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 5 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان صديقي چيو ته لنڊي ۾ 20 کان 25 ڏينهن جاري آپريشن دوران  رند قبيلي جي ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته گرفتار جوابدارن ۾  اڪبر، مشتاق، جمن، ميان بخش ۽ چاڪر رند شامل آهن.

سندس چوڻ هو ته گرفتار جوابدار مختلف ڏوهن ۾ ملوث آهن، جوابدار پوليس کي گهربل هئا، جن کي سرچ آپريشن ذريعي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي چيو ته سرچ  آپريشن هلندڙ آهي، سڀني ڏوهارين کي گرفتار ڪري پوءِ سک جو ساهه کڻبو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے