16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز |ڪوٽڙي: شاگردياڻي فرزانا جمالي کي هيسائڻ تي يونيورسٽي انتظاميه خلاف احتجاج

ڪوٽڙي ۾قومي عوامي تحريڪ پاران نوابشاهه واسڻ شاگردياڻي فرزانه جمالي کي هيسائڻ تي يونيورسٽي انتظاميه خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

قيو اي ٽي اڳواڻ شبير ساند، قدير جتوئي ۽ اختر چنا سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ المدينه چوڪ کان ضلعي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي يونيورسٽي انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي نااهل حڪمرانن جو تعليم تي ڌيان نه ڏيڻ سبب تعليمي ادارن جا منتظمين تعليمي ادارن کي پنهنجي ناجائز مفادن جا اڏا بڻايون ويٺا آهن، جنهن سبب شاگرد توڙي والدين ذهني پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن.

هنن چيو ته سنڌ ۾ نياڻيون عذاب ڀوڳي رهيون آهن ۽ سندن تعليم متاثر ٿي رهي آهي، جنهن سان سنڌ جو ئي نقصان ٿي رهيو آهي.

سندن چوڻ هو ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جو وائس چانسلر پنهنجي علمي معيار تي پورو ناهي لٿو، هو ان عهدي جي لائق ناهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وي سي کي هٽائي سڀني شاگردياڻي کي مڪمل تحفظ يقيني بڻائين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے