21 بدھ , نومبر 2018

پاڪستان کي دهشتگردن خلاف مستقل ۽ فيصلو ڪندڙ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: آمريڪي پرڏيهي کاتو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جي پاڪستان جي دوري ۽ اُتي ٿيل ملاقاتن جي تفصيل جاري ڪري ڇڏي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان هيٿر نوريٽ طرفان جاري بيان موجب آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪل آر پومپيو اسلام آباد وزير اعظم پاڪستان عمران خان ۽ ٻين سول ۽ ملٽري شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون جڏهن ته ساڻس گڏ آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل جوز ايف ڊنفورڊ به موجود هو. پڌرائي موجب آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف وزير اعظم عمران خان کي پنهنجي حڪومت بڻائڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ سول ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي خوشي ڏيندڙ قرار ڏنو. آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستاني اختيارين سان ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن، گڏيل مفادن ۽ شعبن ٻطرفي واپار ۽ واپاري لاڳاپن ۾ وسعت جي اهميت کي اجاڳر ڪيو. آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان جاري بيان موجب پاڪستاني پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو گڏيل ترجيحن علائقي امن ۽ مضبوطي کي هٿي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي گڏجي ڪم ڪرڻ واري امڪان ۽ اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن جي ثقافتي ۽ تعليمي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ قائم ٿيل مضبوط لاڳاپن جي اهميت تي به زور ڏنو. آمريڪي پرڏيهي وزير آرمي چيف سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ وڌيڪ گهري سهڪار جي اميد جو به اظهار ڪيو. آمريڪا طرفان جاري پڌرائي موجب پاڪستاني اختيارين سان پنهنجي ملاقاتن ۾ مائيڪ پومپيو ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته افغانستان ۾ ڳالهين جي ذريعي امن قائم ۽ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے