15 جمعرات , نومبر 2018

رپورٽ|6 سيپٽمبر 2018 ع ملڪي بچاءُ جو 53 هون ڏهاڙو

اڄ 6 سيپٽمبر 2018 ع تي ملڪي بچاءُ جو 53 هون ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.

6 سيپٽمبر 1965 ع تي ڀارتي فوج بنا ڪنهن جنگي اطلاع جي اوچتو سرحدي شهرن لاهور ۽ سيالڪوٽ تي صبح سوير حملو ڪري ڏنو، ان وقت ڀارتي فوج جي جرنل اعلان ڪيو هو ته هو 11 وڳي تائين لاهور جيم خاني ۾ويهي جشن ملهائيندا.

انهن ٻنهي حملن ۾ڀارتي فوج جون 5-5 سئو ٽئنڪون شامل هيون، ان وقت ملڪ ۾ مارشل لا حڪومت هجڻ باوجود پاڪستاني عوام حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ملائي بيٺو.

اها جنگ 17 ڏينهن جاري رهي، جنهن ۾ميجر عزيز ڀٽي، انور حسين ۽ محمد اقبال سميت ڪيترن ئي فوجي جوانن جانين جا نذرانا ڏنا ۽ نيٺ ڀارت کي شڪست نصيب ٿي.

ان جنگ ۾ڪيترائي خاندان متاثر ٿيا، ڀارتي فوج جي لاهور تي حملي وقت ڪيترن ئي فوجي جوانن دشمن جي ٽئنڪن آڏو اچي انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.

اهڙي قسم جي ڪيترين ئي قربانين ۽ امتحانن هي ملڪ حاصل ٿيو، جنهن جو دفاع ڪرڻ هر پاڪستاني تي فرض آهي.

اڄ سموري ملڪ ۾53 هون بچاءُ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، جڏهن ته پاڪ فوج ان ڏهاڙي کي “ اسان کي پيارو آهي پاڪستان ” جي عنوان سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پاڻي جي کوٽ خلاف جوهي جي آبادگارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج

پاڻي جي کوٽ خلاف جوهي جي آبادگارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج رپورٽ : …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے