13 منگل , نومبر 2018

بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ، سراج دراني، وسيم اختر، اقبال زيد احمد خلاف جاچ جي منظوري

Korangi: Haider Ibrahim drinking water shortage by Majority against eyewashاسلام آباد(م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر سميت ٻين ڪيترن ئي اهم ماڻهن خلاف ڪرپشن جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 14 مختلف انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي. نيب پڌرائي موجب خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ موجوده بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي پر نيب پڌرائي ۾ پرويز خٽڪ جي خلاف انڪوائري جا تفصيل نه ڏنا ويا آهن. نيب پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ناليواري صنعتڪار اقبال زيڊ احمد جي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي. نيب ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين جي خلاف به انڪوائرين جي منظوري ڏني آهي. ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ عبدالولي خان يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر احسان علي ۽ خيبرپتخونخواهه جي اڳوڻي صوبائي وزير نوابزاده محمود زيب خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.  پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر سلطان هنجره ۽ اڳوڻي سي اي او ميپڪو چوڌري گفتار خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. ان حوالي سان نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ هو ته ميگا ڪرپشن جا ڪيس اُڪلائڻ پهرين ترجيح آهي ” احتساب سڀني جي لاءِ“ واري پاليسي تي عمل پيرا آهيون. بلوچستان جي خوراڪ واري اڳوڻي وزير اظهار حسين خلاف به ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. محمود زيب ۽ ٻين تي زمين مان فاسفيٽ ڪڍڻ جو لائسنس ڏيڻ جو الزام آهي، جنهن سان قومي ناڻي کي 35 ڪروڙ 52 لک رپين جو نقصان ٿيو، خيبرپختونخوا جي اڳوڻي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خالد پرويز، ايم ڊي ٽوئرزم مشتاق خان، يوسف جميل انصاري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي اڳوڻي خاص مددگار امتياز ملاح ۽ ٻين خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپٽ صرف سياستدان نه ٻيا به آهن، رياست جي ڪردار ۽ پاليسي تي بحث جي ضرورت آهي: رضا رباني

اسلام آباد (م ڊ) پ پ اڳواڻ ۽ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے