13 منگل , نومبر 2018

بيمارين سان ورهڻ لاءِ اينٽي بايوٽڪس جا هزارين نوان ”ڪاڪ ٽيل“

Thousands of antioxidants "Cocktail"لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي بيمارين جا جيوڙا تيزي سان تبديل ٿي اينٽي بايوٽڪس جي صورت ۾ موجود اسان جي دوائن کائڻ واري خاني کي بيڪار بڻائي رهيون آهن. جنهن بعد نئين اينٽي بايوٽڪس جي ڳولا شدت سان جاري آهي پر ان سست عمل ۾ اسان جي هٿن ۾ موجود اينٽي بايوٽڪس جي مختلف مجموعن سان به تيز ڪري انهن بيمارن خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگجهي ٿي. يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا لاس اينجلس (يو سي ايل اي) جي ماهرن هڪ ئي وقت ۾ چار کان پنج دوائن کي پاڻ ۾ ملايو انهن جي  8000 کان وڌيڪ مجموعن کي نوٽ ڪيو جنهن مان پتو پيو ته جيوڙا وڌيڪ هوشيار ۽ سخت ٿيڻ کان اهي  مجموعا اينٽي بايوٽڪس جو ڪم بهتر انداز ۾ ڪري سگھندا. ماهرن اڳواٽ موجود اينٽي  بايوٽڪس جي مختلف طريقن سان گڏائي ڪري انهن جي آزمائش ڪئي ۽ انهن کي ڪيترن بيمارين جي جيوڙن جي مقابلي ۾ فائديمند سمجهو ويو. اها حيرت انگيز ڳالهه آهي ڇاڪاڻ ته دوائن کي پاڻ ۾ ملائڻ سان اڪثر ڪري انهن جو اثر گهٽجي ويندو آهي پر اينٽي بايوٽڪس جي معاملي ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيندو. تحقيق جي ميمبر پاميلاييح چيو آهي ته عام طور هڪ يا ٻن دوائن کي پاڻ ۾ ملايو ويندو آهي پر اسان ڪيترن ئي دوائن کي پاڻ ۾ ملائي ڪري هزارين امڪاني ”ڪاڪ ٽيل اينٽي بايوٽڪس“ تي ڪم ڪيو. اهڙي طرح دوائن جو مقدار گھٽ ۽ وڌيڪ ڪري 18 هزارن کان وڌيڪ الڳ الڳ مجموعن کي ويجهڙائي کان آزمايو ويو. نتيجن مان ثابت ٿيو ته جڏهن چار (اينٽي بايوٽڪس) دوائن کي ملائي ويو ته ان جا 1،676 مجموعن مشهور اي  ڪولائي بيڪٽريا سان وڙهڻ ۾ بهترين ڪارگردگي ڏيکاري.  تجربي بعد اها ڳالهه سامهون آئي ته چئن دوائن جي 2،331 مجموعي ۽ پنج اينٽي بايوٽڪس جي  5،199  مجموعي انفيڪشن سان وڙهڻ جي تمام گھڻي ڪمزور پيش آئي. سبب اهو آهي ته  مختلف دوائون اي ڪولائي سان مختلگ انداز ۾ وڙهنديون آهن. ڪا به دوا جيوڙن جي خلوي ديوار تي ضرب لڳائيندي آهي ته ٻي ان جي ڊي اين اي تي حملو ڪندي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته انسانن تي انهن جي آزمائش اڃا گهڻو ڏور آهي ڇاڪاڻ ته اهي تجربا رڳو تجرباگاهن ۾ جيوڙن تي ئي ڪيا ويا آهن ۽ اهي به رڳو هڪ قسم جي بيڪٽريا يعني اي ڪولائي تي آزمايا ويا آهن. پر ان تحقيق سان اها ڳالهه ضرور ثابت ٿي آهي ته اينٽي بايوٽڪس دوائن جي مجموعا بيڪار ٿي ويندا ڇاڪاڻ ته هزارين فائديمند ڪاڪ ٽيل جا فائدا واضح طور سامهو اچي چڪا آهن،

هي به ڏسي سگهو ٿا

4 سالن ۾ 51 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي جو شڪار ٿيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب 4 سالن دروان پوري ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے