13 جمعرات , دسمبر 2018

سنڌ سيڊ ڪارپوريشن کي ڪيئن تباهه ڪيو ويو

صالح بلو

سنڌ سيڊ ڪارپوريشن سڪرنڊ جيڪا خاص ڪري 1976ع ۾ پنجاب سيڊ ڪارپوريشن ۽ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ٺاهيون ويون ته جيئن آبادگارن کي نج ٻج مُهيا ٿي سگهي، جيڪو ڪڻڪ، ووئڻن، سارين جي لاءِ خاص ڪري هو، جنهن لاءِ فارم پڻ ٺاهيا ويا، سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جيڪا ان وقت 6 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه جيڪو هينئر ضلعو شهيد بينظير آباد آهي، ان ۾ موجود آهي، جنهن جون پٽي ٻيلي وٽ فارم ٺاهيا ويا، جيڪي بعد ۾ فوجي ڇانوڻي لاءِ مفت زمينون ۽ بنگلا وغيره حاصل ڪيا ويا، جڏهن ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ زرعي فارم پڻ ٺاهيا ويا، جهڙوڪ سڪرنڊ، اڏيرو لعل، رڪ فارم، گهوٽڪي ۽ ٻين علائقن ۾ قائم ڪيا ويا، جتي ڪڻڪ، سرنهن، سارين، ووئڻن جو ٻيج تيار ڪيو ويند هو، جڏهن ته فارمن ۾ بيسڪ ٻج تيار ڪري آبادگارن کي مُهيا ڪيو ويندو هو ۽ آبادگارن کي ڏنل ٻج مان پيدا ٿيندڙ ڪڻڪ ووئڻن، سبسڊي ڏئي سرڪاري مقرر اگهه کان به وڌيڪ اگهن تي خريد ڪيو ويندو هو ۽ سيڊ ڪارپوريشن ۾ لڳايل مشينن ذريعي ٻيهر صاف ڪري معياري بنائي مُهيا ڪيو ويندو هو، جنهن لاءِ وفاق توڙي سنڌ حڪومت کان اهڙي ڪڻڪ خريداري لاءِ پڻ ڪروڙين رپيا حاصل ڪيا ويندا هئا، جيڪي ڪجهه عرصي بعد بند ڪيا ويا.

سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جيڪا ڪامورن ۽ نان ٽيڪنيڪل ماڻهن ذريعي هلائي وئي ته ٻئي طرف وري پنجاب سيڊ ڪارپوريشن ٽيڪنيڪل ماهرن ذريعي هلائي منافعي بخش بنائي نه صرف ٻين صوبن بلڪه ٻين ملڪن کي پڻ جنسون مُهيا ڪندي رهي، سنڌ سيڊ ڪارپوريشن کي سازشي ماڻهن جيڪي خانگي ڪارپوريشن سان پڻ ڳٺ جوڙ ۾ هو سي هٿ سان ناڪام بنائڻ جي ڪندا رهيا، جيڪي غيرضروري خرچ ۽ ڪروڙن جا  غبن ڪري ڪارپوريشن کي نقصان پهچايو، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت کان ملندڙ ڪڻڪ خريداري ۽ ٻين ضرورتن لاءِ رقمون به ملڻ بند ٿي ويون، جڏهن ته قيمتي جنسون سستن اگهن تي حاصل ڪرڻ لاءِ زرعي فارمن کي نقصان پهچايوويو ۽ سازشن تحت اڏيرو لعل فارم، رڪ فارم ۽ ٻيا سستن اگهن ۾ وڪرو ڪيا ويا، جڏهن ته اڏيرو لعل جي بهترين زرخيز زمين جيڪا شهر سان گڏ هئڻ باوجود سستن اگهن ۾ وڪرو ڪئي وئي ۽ ٻين کي به وڪرو ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ۽ ٻج تيار نه ڪري ڪارپوريشن کي نقصان پهچايو ويو، اهڙي نموني سڪرنڊ ڀرسان سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي پٽي ٻيلي وٽ اٽڪل 1300 ايڪڙ زمين تي قائم ڪيل زرعي فارم جتي ڪيترائي ٽيوب ويل، بلڊنگون قائم ڪيل هيون، اهي فوجي ڇانوڻي لاءِ مفت ڏنيون ويون، جيڪي زمينون انهن مقاطحي تي به ڏنيون ۽ استعمال ڪيل بجلي جو بل به سنڌ سيڊ ڪارپوريشن وارن کان وٺندا رهندا هئا، جن کان ڪو به پڇاڻو ڪرڻ وارو ڪونهي حڪومت جي به عجيب پاليسي آهي جو ادارن کي مليل زمينون بلڊنگون جن جو معاوضو به ادا نه ڪيو ويو نه وري انهن کي پنهنجي اداري کي هلائڻ لاءِ صحيح نموني استعمالي ڪرڻ ڏني وڃي ٿي، سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ اٽڪل 300 ملازم ڪم ڪندا هئا، جيڪي مختلف وقتن تي ڪڍي باقي وڃي چند بچايا ويا، جڏهن ته اڳ ۾ 90 ماڻهو پهرين ڪڍيا ويا، هاڻي وڃي 24 ڄڻن جي وڌيڪ لسٽ تيار ڪئي وئي، جيڪي پڻ ڪڍيا ويا، ساڳئي وقت سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ ڪو به فنانس ڊائريڪٽر توڙي ايم ڊي مارڪيٽنگ ڊائريڪٽر نه رکيو ويو، جڏهن ته سنڌ اندر هڪڙو سيڊ انالسٽ موجود هو، جنهن کي به ڪڍيو ويو ۽ بنا سيڊ انالسٽ جي ڪارپوريشن بنجي وئي، جنهن ڪارپوريشن پاران پنهنجي ڪا به ڪارڪردگي ظاهر نه ڪئي وئي، اها به حقيقت آهي ته جڏهن اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم پاران رکيل ڪاميٽي به سنڌ سيڊ ڪارپوريشن کي بهتر بنائڻ ۽ ڪارڪردگي ظاهر ڪرڻ جي اهي به پنهنجيون آفيسون ۽ ايئرڪنڊيشن هڻائي ڪارپوريشن جي خرچ ۾ اضافو ڪندا رهيا، جنهن ڪارپوريشن ۾ اڳ بنا ايئر ڪنڊيشن جي ملازم ڪم ڪندا رهيا، سنڌ سيڊ ڪارپوريشن کي وڪرو ڪرائڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا ويندا رهيا، جيڪي چند ٽيڪنيڪل ماڻهو هئا، اهي به ڪڍرائي ڇڏيا، ٻيهر وڪرو ڪرائڻ جي سازش جاري رهي.

سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جيڪا سنڌ جي آبادگارن لاءِ واحد نج ٻج تيار ڪندڙ واحد ادارو آهي، جتي صرف 2 ايگريڪلچر گريجوئيٽ، 4 فيلڊ اسسٽنٽ ڪم ڪندا رهيا، جنهن ڪارپوريشن وٽ لئبارٽري ڪونهي، جتي ٻج جي ڪوالٽي ڪنٽرول ڪئي وڃي ٿي، جنهن ڪوالٽي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪڙو ئي ٽيڪنيڪل انالسٽ هو سو به ڪڍيو ويو، سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي تباهي جا ذميوار حڪومتي غلط پاليسيون جيڪي نان ٽيڪنيڪل ماڻهن ذريعي هلائي ڪامورڪي ڪلچر ۾ آڻي، هٿ سان برباد ڪرايو ويو، جڏهن ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن وٽ بهتر ڪپهه ٺاهڻ جون مشينون موجود آهن، جن ذريعي عالمي معيار جي ڪپهه تيار ڪري سگهجي ٿي، ۽ ڦٽين جي ڪارخانيدارن جي هڪ هٽي ختم ڪري، آبادگارن کي ووئڻن جو نج ٻج پڻ مُهيا ڪري سگهجي ٿو، اهڙي نموني ڪڻڪ کي صاف ڪرڻ لاءِ پڻ هيوي مشينون موجود آهن، جن ذريعي ڪوالٽي وارو ڪڻڪ  جو ٻج ۽ تيلي ٻج تيار ڪري نه صرف پنهنجن آبادگارن کي نج ٻج مُهيا ڪري سگهجي ٿو، بلڪ  آبادگارن کي ملندڙ ڪڪڙي ۽ ناقص ڪڻڪ ۽ ٻين غير معياري جنسن کان بچائي سگهجي ٿو، اهڙي نموني پنجاب مان ايندڙ غير معياري ٻج جي پڻ روڪٿام ٿي سگهي ٿي، ساڳئي وقت جيڪي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ٻورين ۾ غير معياري ڪڻڪ ۽ ووئڻن جو ٻج وڪرو ڪن ٿا، تن کي به روڪي سگهجي ٿو ۽ جيڪي واپاري توڙي ڪارخانيدار بلا جواز ڪڻتا ۽ گهٽ اگهن ۾ جنسون خريد ڪن ٿا، انهن کان آبادگارن کي بچائي سگهجي ٿو، ڇو ته ڪاٽن جو ڪارخانو هر سيزن ۾ هڪ ڪروڙ کان گهٽ منافعو حاصل ڪو نه ٿو ڪري.

اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي هاڻي ڪاٽن ملن هلڻ لاءِ آتا هوندا آهن، جڏهن ته آبادگارن کان غير معياري ووئڻن ۽ ڪاٽن ملن کان غير معياري ڪپهه جو بهانو بنائي، پاڪستان ٽيڪسٽائل ملن وارن جي هڪ هٽي به ختم ٿي ويندي، جيڪي ڪپهه جي گهٽ ڪوالٽي ڄاڻائي ڪاٽن فيڪٽرين وارن ۽ حڪومتي ڪارنرئن سان ملي ڀڳت ڪري گهٽ اگهن تي کڻڻ جي ڪندا آهن ۽ حڪومت ذريعي هر سال ڳٺڙيون ٻاهران گهرائيون وينديون آهن، جيڪا حڪومت ڊالرن جي حساب سان گهرائيندي آهي ۽ گهٽ اگهن ۾ پاڻ خريد ڪندي آهي ۽ حڪومت اربين رپين جو فائدو حاصل ڪندي آهي، ليڪن آبادگارن کي صحيح اگهه به نه ڏنو ويندو آهي، خاص طرح سنڌ ۾ ڦٽيون لهڻ وقت ٻاهران ڪپهه گهرائي وڌيڪ ڪپهه جو جواز بنائي ڦٽيون گهٽ اگهه تي کنيون وينديون آهن، جن خلاف ڪو به قدم کڻڻ وارو ڪونهي، جڏهن ته حڪومت به انهن سرمائيدارن کي خوش ڪرڻ بجاءِ آبادگارن جي ڀلائي لاءِ سوچي ۽ مهانگي اگهن ۾ ٻاهران ڪپهه گهرائي سستن اگهن ۾ ڏئي، جڏهن ته ڏٺو وڃي ڪارخانن ۾ اهي چاهي ڪاٽن فيڪٽريون هجن يا ٻيون جن ۾ حڪمران ۽ مخالف ڌرين جا حصا پتيون ۽ مالڪي هوندي آهي حڪومت کي گهرجي ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن کي ٽيڪنڪل ماهرن ذريعي هلائي، رٿابندي سان منافعي بخش  بنائي جيئن پنجاب سيڊ ڪارپوريشن منافعي ۾ هلي رهي آهي ۽ آبادگارن  کي به نج ٻج ۽ صحيح منافعو ملي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے