17 ہفتہ , نومبر 2018

سنڌ جي نياڻين جي تعليم ۽ تحفظ جو سوال

منان چانڊيو

شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب ٿيل نوابشاھ يونيورسٽي جي هڪ هوشيار ۽ پوزيشن هولڊر سنڌي نياڻي فرزانا  جمالي کي اداري جي هڪ استاد پاران جنسي هراسان ڪرڻ وارو انتهائي غليظ واقعو وڏي شدت اختيار ڪري ويو آھي. هڪ طرف شاگردياڻي جي والد پرائمري ماستر جيڪو ان مامري بابت يونيورسٽي انتظاميا وٽ دانهن کڻي ويو هيو، ان سان انتظاميا انصاف ڪرڻ بجاءِ ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ جهيڙو ڪرڻ جا الزام مڙھي پوليس هٿاران گرفتار ڪرائي ڊسٽرڪٽ جيل نوابشاھ موڪلي ڇڏيو آھي، ته ٻئي پاسي يونيورسٽيءَ جي پوري انتظاميا الزام هيٺ آيل جوابدار کي بيڏوهي قرار ڏئي، سندس حمايت ۾ باقائدي هڪ قسم جي مھم هلائڻ شروع ڪري ڏني آھي. ٽئين طرف تحريڪ انصاف سان واڳيل ايم پي اي حليم عادل شيخ مثاتر خاندان وٽ مدد لاءِ پهچي ويو آھي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته فرزانا جمالي ۽ سندس والد سان ٿيل ناانصافي خلاف سڄي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ مختلف سياسي، مذهبي، سماجي ڌرين سان لاڳاپيل سڄاڻ فردن احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آھي. پر افسوس ان ڳالهه جو آھي ته وڏي رئيس جي اباڻي ضلعي ۽ چونڊ تڪ سان تعلق رکندڙ جمالي فيملي جي واهر لاءِ پ پ سان واسطو رکندڙ ڪوبه وزير ۽ چونڊيل عيوضي هن وقت تائين وٽن لڙي ڪونه آيو آھي. هي سٽون لکڻ وقت ڄاڻايل يونيورسٽيءَ وائيس چانسلر ارشد سليم ۽ الزام هيٺ آيل پروفيسر عامر خٽڪ تي فرزانا جمالي کي هراسان ڪرڻ جي ايف آءِ آر داخل ٿي چڪي آهي پر ڪا به گرفتاري هن وقت تائين عمل ۾ ڪونه آئي آهي نه وري سنڌي نياڻي جو پيءُ اعجاز جمالي جيل مان آزاد ٿيو آهي.

ڪير ڪنهن وٽ آيو آھي يا نه، ڪير ڪنهن جي ڌر بنيل آھي، ڪير سچ چئي رهيو آهي اهي سڀئي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت رکن ٿيون، پر جڏھن هڪ سنڌي نياڻيءَ سان هڪ غير سنڌي، استاد اخلاق ۽ غيرت کان ڪريل ٻولي ٻولي ٿو ته پوءِ اسان کي ضياءَ جي قهري مارشل لائي ڪاري دور جو اهو سنگين واقعو ياد اچي ٿو، جنهن ۾ هڪ حاضر سوروس ميجر سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ شاگردياڻي شيرين سومرو سان جنسي ڏاڍائي ڪئي هئي. اهڙي وحشيت خلاف سڄي سنڌ ۾ يوم غيرت جي نالي سان سخت ۽ پرتشدد احتجاجي تحريڪ شروع ٿي وئي. جنهن دوران ڪجهه اهلڪار قتل ٿي ويا. انهن اهلڪارن جي ٿيل قتلن جي ڪيس ۾ علي حيدر شاھ، شاھ محمد شاھ، قادربخش جتوئي سميت ڪيترائي سنڌي شاگرد گرفتار ٿي سالن جا سال جيلن ۾ رهڻ کان علاوه جلاوطن پڻ ٿي ويا.

خير، اڳتي هلي ڇا ٿو ٿئي اهو ته وقت ٻڌائيندو پر اها به حقيقت آھي ته موجوده مرداني  ۽ فرسوده سماج ۾ عورتن سان پنهنجن ۽ پراون پاران ڪيتريون ئي ناانصافيون ٿي رهيون آھن، جن جي ٿورڙي به وچور بيان ڪنداسين ته سورن جا سامان ۽ دردن جا داستان سامهون اچي ويندا. مثال طور تي جتي ڪارو ڪاريءَ جي آڙ وٺي شڪ جي بنياد تي بي گناھ عورتن کي ڪٺو پيو وڃي. اتي وري ڪجهه ڪم عقل مڙس پنهنجي گهروارين کي ڏاج گهٽ ملڻ يا پٽاڻو اولاد نه ٿيڻ تي بدترين جسماني ۽ ذھني تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏين ٿا. اهڙي ريت ڪي وحشي ۽ بگهڙ صفت ماڻھو عورتن جي زبردستي لڄالٽ ڪن ٿا. ڪٿي وري عورتن جي چهرن تي تيزاب هاري انهن جي صورت بگاڙي وڃي ٿي. اهڙين غير قانوني ۽ غير اخلاقي حرڪتن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آھي. پر هتي وري ويل ۽ بيهودائي اها پڻ ٿي رهي آھي، ته تعليمي ادارن ۾ به شاگردياڻين سان بيواجبيون ٿي رهيون آھن. جن جون خبرون وقت به وقت ميڊيا تي رپورٽ ٿينديون پيون اچن. چالو ۽ عام رواجي معاشري ۾ سنڌي نياڻيون جڏهن تعليم جي حاصلات لاءِ پنهنجي گهر کان پهرين وک کڻن ٿيون ته هن جي راهه ۾ ايتريون رنڊڪون درپيش اچن ٿيون گهرن کان درس گاهن تائين ايندي ويندي يا تعليمي ادارن ۾ جيڪو مرد عملي جو ڪردار رهندو پيو اچي اهو به تعليم دوست ۽ نياڻين جي عزت احترام ڪرڻ واري اخلاقي ۽ قانوني زمري ۾ ڪونه ٿو اچي.

اهڙي ڪٺن صورتحال هوندي به اسان جون نياڻيون پنهنجون همٿون ۽ حوصلا ڪونه ٿيون هارن. چوڻ جو مطلب ته هنن جي راهه ۾ جيترا به واڳون وات ڦاڙيون ويٺا آهن، انهن سڀني جي ناپاڪ ۽ سنڌي سماج جي اصل معيار ۽ رسم رواج جي ابتڙ جيڪي به ٽرڙا ۽ ڇڙواڳ ڇوڪرا يا ڪجهه استاد اخلاق ۽ حياءَ جا ليڪا لتاڙن ٿا انهن سڀن جي هو پرواهه ڪونه ٿيون ڪن. جڏهن نياڻين جو اهڙو شاندار ۽ باوقار جوش ۽ جذبو آهي ته اهو اسان سڀني تي اهو فرض لاڳو ٿو ٿئي ته پنهنجو پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري، سنڌي نياڻين جي رستي ۾ جيڪي به ڪنڊا آهن، انهن کي هٽائي ڇڏيون.

اسين جڏهن سنڌي نياڻين سان ٿيندڙ معاشرتي ڏاڍاين ۽ خود تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن جي غير ذميوارين جي ڳالهه ڪيون ٿا ته پوءِ سنڌ يونيورسٽي جي هوشيار شاگردياڻي ۽ ڀٽائي جي پارکو نائلا رند جي افسوس ناڪ موت واري واقعي کي به وساري ڪونه ٿا سگهون. اسان ماضيءَ جي افسوس ناڪ واقعن کي ڇڏي ڪري ٽن چئن ڏينهن کان ميڊيا تي نوابشاھ يونيورسٽيءَ جي هڪ شاگردياڻي فرزانا جمالي پاران هڪ استاد جي جنسي هراسمينٽ وارين شڪايتن جون خبرون پڙھندا ۽ ڏسندا پيا اچون. هڪ طرف سنڌي نياڻي جيڪا انتهائي هوشيار آھي پاڻ سان ٿيل ناانصافين جون دانهون ڪري رهي آھي ته ٻئي پاسي الزام ھيٺ آيل همراھ جيڪو پنجاب صوبي سان تعلق رکندڙ غير سنڌي آھي، اهو چوي ٿو ته ڄاڻايل شاگردياڻي يونيورسٽيءَ ۾ پڙھائي کي گهٽ وقت ڏيندي هئي. ان ڪري جڏھن مٿس حاضر ٿيڻ لاءِ سختي ڪئي وئي ته هن غلط الزام هڻڻ شروع ڪيا آھن.

ستم ظريفي جي ڳالهه ته شاگردياڻي جي والد کي يونيورسٽي انتظاميا مختلف الزامن هيٺ جيل ڀيڙو ڪرائي ڇڏيو آھي. ڏٺو وڃي ته فرزانا جمالي ۽ عامر خٽڪ وارو افسوس ناڪ واقعو ڪو پهريون ڀيرو ڪونه ٿيو آھي پر ان کان اڳ به سنڌ جي ڪيترين ئي اعليٰ تعليمي ادارن کان ويندي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ نرسن سان به پنهنجي عملي پاران ڇيڙ ڇاڙ جهڙا اڻ وڻنداڙ واقعا ٿيندا پيا اچن، جن سڀني پويان ڪن بدتميز، بدنما، حياءَ ۽ شرم کان وانجهيل فردن جي ڪِريل ذهنيت جا عنصر سمايل هوندا آھن. اهڙين بي حيائين ۾ شامل ته برابر ڪجهه فرد هوندا آھن پر ان جو منفي اثر درس گاهن کان سواءِ پوري سماج تي پوندو آھي.

هتي وري ويڌن اها به آھي ته جنهن تعليمي اداري ۾ ڪنهن نياڻي سان ناانصافي ٿيندي آھي ته الزام هيٺ آيل ڏوهارين کي سندن ڪيل گناهن جي جوڳي سزا ڏيڻ بدران ان اداري جا سمورا ڪرتا ڌرتا ڌر بنجي ويندا آھن. نتيجي ۾ حرام پائي ڪندڙ سرخرو ۽ ظلم جو شڪار ٿيل رسوا ٿي ويندا آھن.

حيرت ان ڳالهه تي به ٿيندي آھي ته جڏھن ڪٿي ڪو ڏکوئيندڙ واقعو ٿيندو آھي ته شروعات ۾ هر طرف کان وٺ وٺان لڳي ويندي آھي. سرڪاري ادارن کان ويندي سول سوسائٽي کان ٿيندي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا، تائين سڀئي ڌريون سرگرم ٿي وينديون آھن، پر پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ سمورا مامرا پردي پويان هليا ويندا آھن ۽ اها خبر ڪونه پوندي آھي ته الزام هڻندڙن ۽ الزام هيٺ ايندڙن مان سچو ڪير آهي. اهڙي ريت بينظير يونيورسٽي نوابشاھ واري واقعي سان به اڳتي هلي ائين ئي ٿي سگهي ٿو.

ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته پيش آيل سموري افسوس جوڳي مامري جي انتهائي ايمانداري، بي ڊپائي ۽ بغير ڪنهن زور بار، لالچ لوڀ ۽ ذاتي پسند ناپسند کان مٿانهون ٿي ڪن ايماندار ۽ غيرجانبدار سڄاڻ ڌرين ۽ فردن تي مشتمل هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ سرڪاري عملدارن کان سواءِ اهڙا معتبر ماڻهو به شامل ڪيا وڃن جن جو ڪنهن به سرڪاري اداري سان تعلق نه هجي. جيڪي پنهنجي صوابديدي اختارين جي آڌار تي اصل صورتحال معلوم ڪري منظرعام تي آڻن ته جيئن سنڌ واسين کي اها خبر پوي ته درس گاهن ۾ پيش ايندڙ افسوس جوڳن واقعن جي اصل ڪهاڻي ڇا آھي. هتي اهو به وسارڻ نه گهرجي ته هي مامرو صرف فرزانا جمالي ۽ ان جي خاندان جو ڪونهي پر، ان سان جتي سنڌي قوم جي غيرت، اخلاق ۽ معيار تي هٿ چراند ٿي آھي. اتي هزارين لکين انهن سنڌي نياڻين جو روشن مستقبل به واڳيل آھي، جيڪي تعليم جهڙي انمول زيور سان سينگارجي پنهنجي خاندان ۽ پوري سنڌي قوم جو آئيندو روشن ڪري رهيون آھن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے