20 منگل , نومبر 2018

پاڪ آمريڪا لاڳاپا: نئين قيادت ۽ پراڻو سفر 

مسلم ميراڻي

پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا شروع کان ئي هيٺ مٿائين جو شڪار رهيا آهن. افغان جهاد ۽ روس جي افغانستان ۾  شڪست کانپوءِ  آمريڪا پاڪستان کي طالبان ويڙهاڪن جو طعفو ڏاجي ۾ ڏئي پنهنجي ڏيهه هليا ويا. ملڪن جون پرڏيهي پاليسون، انهن جي مفادن کي سامهون رکي ڪري ٺاهيون ۽ تبديل ڪيون وينديون آهن، پر افسوس سان اسان جي ملڪ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي پرڏيهي امداد تي ٺهندي ۽ تبديل ٿيندي رهي آهي..1947ع ۾ انگريز سامراج کان آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ اسان آمريڪا بهادر سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ‌ بغداد معاهدي جو حصو  بڻياسين پر پاڪ ڀارت جنگ سميت ڪڏهن به ڪنهن مشڪل وقت  ۾ آمريڪا پاڪستان جو ساٿ ڪونه ڏنو. بس پاڪستان جي امداد هلندي رهي ۽ ڪم ورتو ويندو رهيو. هڪ فون ڪال ۽ امداد جي عيوض اسان دهشتگردي جي جنگ ۾ آمريڪي جنگ جي حصي دار بڻجي وياسين ۽ افغانستان ۾ هلندڙ جنگ پاڪستان پهچي وئي ۽ ان جنگ اسان مالي ۽ جاني نقصان سميت سڀ ڪجهه داءَ تي لڳائي ڇڏيو. پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپا هميشه کان وٺي  بدگماني ۽ بدنيتي جو شڪار رهيا آهن. هميشه کان وٺي آمريڪا پاڪستان تي اهي الزام هڻندي رهي آهي ته پاڪستان ان کان امداد به وٺندو رهيو آهي ۽ پڻ انهن کي دوکو به ڏيندو رهيو آهي ۽ ٻئي طرف پاڪستان آمريڪا تي مشڪل وقت ۾ ساٿ نه ڏيڻ جا الزام هڻندو رهيو آهي.

1980ع وارو افغان  جهاد  ۽  طالبان اڃا تائين اسان جي نڙيءَ جي هڏي بڻيل آهي  هر وقت  ڊو مور ۽ افغان طالبان جي حقاني نيٽ ورڪ جي خلاف سخت  ڪارروائي  جي راڳ اسانجي پويان هلندو رهندو آهي ۽ هاڻي به آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ڏکڻ ايشيا جي  دوري تي آمريڪي فوج جو چيف آف اسٽاف جنرل جوزف ڊنفورڊ ساڻ ڪري هڪ شام گذارڻ جي لاءِ  اسلام آباد پهتو آهي. ياد رهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ڏکڻ ايشيا جي  دوري تي روانو ٿيڻ کان اڳ بيان ڏنو آهي ته پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان سان اقتدار جي شروعاتي دور ۾‌ ملاقات ضروري آهي. آمريڪا جو سي آءِ اي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر موجوده پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت کان بخوبي واقفڪار آهي ۽  هاڻي به اهو پاڪستان سان لاڳاپا بحال ۽ بهتر ڪرڻ آيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ سرچاءَ واري عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ته جيئن افغانستان ۾ امن قائم ٿي سگهي.

ياد رهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام جي طالبان ۽ افغان حڪومت جا ڪوهه مريءَ ۾ پڻ ڳالهه ٻولهه ڪرائي چڪو آهي ۽ ان سان گڏ افغانستان ۾ امن جي قيام ۾ پنهنجو بنيادي ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪندو رهيو آهي، ۽ اڄ ڪلهه طالبان، افغان حڪومت ۽ آمريڪا جي ڳالهه ٻولهه جاري آهي جيڪا اڃا تائين ڪنهن نتيجي جاري ۽ ساري آهي. هن وقت آمريڪا پاڪستان جي 30 ڪروڙ آمريڪي ڊالرن جي امداد به روڪي ڇڏي آهي، ۽ ان سان گڏ پاڪستان جو نالو (The Financial Action Task Force )گري لسٽ  شامل ڪري چڪو آهي  ته پاڪستان دهشتگردي جي روڪ ٿام ۾ ناڪام ويو آهي.

آمريڪا مسلسل مختلف طريقن سان پاڪستان مٿان دٻاءُ وڌائيندو رهيو آهي ۽ هاڻي به آمريڪا پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جو استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، آمريڪي وفد پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جي سربراهيءَ ۾ وزير اعظم پاڪستان عمران خان، پرڏيهي وزير محمود قريشي سميت پاڪستان جي عسڪري قيادت سان ڳالهيون ڪيون ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اطلاعن مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير ڀارت ويندي ويندي ڊو مور وارو پنهنجو پراڻو مطالبو ڪري ويو. ياد رهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ وزير اعظم پاڪستان جي ٽيليفون ته ڳالهه ٻولهه به هڪ به هڪ اشو بڻايو ويو، جنهن ۾ آمريڪن جو چوڻ هيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستاني وزير اعظم کي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو چيو هيو جنهن تي پاڪستان ان بيان کي مڪمل طور تي رد ڪيو هيو، جنهن تي آمريڪي پرڏيهي وزير ڳالهه ٻولهه جو ٽرانسڪرٽ جاري ڪئي هئي. جنهن ۾ واضع هيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير وزير اعظم پاڪستان سان دهشتگرديءَ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، ۽ هاڻي به آمريڪي ڊو مور جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان جي اهو چئي رهيو آهي ته رڳو آمريڪا جا مطالبا نه هلندا پر پاڪستان جي قربانين کي تسليم ڪيو وڃي.

پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ واضع آهي ته ٻنهي ملڪن جي بدگماني سان گڏ هڪ ٻئي جي نيتن تي پڻ شڪ آهي ۽ جيستائيڻ افغانستان ۾ امن قائم نه ٿيندو، تستيائين پاڪ آمريڪا ۽ افغانستان حڪومتن جي وچ ۾ الزام تراشي وارا بيان جاري رهندا. آمريڪا چوندو رهندو ته پاڪستان دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي نٿو ڪري، ۽ پاڪستان اهو چوندو رهندو ته آمريڪا افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي ان ڪري اهو پاڪستان تي الزام تراشي ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته آمريڪا بهادر هڪ عالمي طاقت آهي ۽ پاڪستان اهو ملڪ آهي جيڪو آمريڪي امداد  ۽ سهڪار تي ئي هلندو رهيو آهي. آخرڪار ڳالهيون ڪيتريون به ڪيون وڃن پر مرضي آمريڪا بهادر جي ئي هلندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏو ليڊر ٿيڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل ”يوٽرن“ جو نئون نسخو

امير ڀنڀرو ٻه  ڏينھن اڳ  ڪالم نويسن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پنھنجي اصليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے