16 جمعہ , نومبر 2018

اسحاق ڊار کي هر صورت ۾ واپس آڻڻو پوندو: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته اسحاق ڊار معمولي جوابدار ناهي، کيس هر صورت ۾ واپس آڻڻ پوندو.  چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ اسحاق ڊار کي وطن واپس آڻن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته حڪومت برطانيا ڀڄي ويل ماڻهن جي واپسي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اسحاق ڊار جي ريڊ وارنٽ لاءِ انٽر پول کي خط لکيو ويو آهي، اسحاق ڊار جي واپسيءَ جو معاملو انٽرپول وٽ رولڙي جو شڪار آهي.  چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته  عدالت جن ماڻهن کي مفرور قرار ڏئي چڪي آهي تن کي واپس آڻڻ جا قدم نظر نه ٿا اچن،  ڇا پاڪستاني شهري کي به عدالتي حڪم تي واپس نه ٿو آڻي سگهجي، ڇا عدالت ۽ پاڪستان ايترو ئي بيوس آهن جو مفرور کي واپس نه ٿا آڻي سگهن، ادارن اسحاق ڊار جي واپسي لاءِ پاڻ ۾ ڪهڙا قدم کنيا آهن، موجوده حڪومت ٻڌائي اسحاق ڊار کي واپس آڻن لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا، کيس ڪيستائين واپس آندو ويندو.  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسحاق ڊار عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، نيب سندس واپسي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن. نيب پراسيڪيوٽر چيف جسٽس جي پڇاڻي تي ٻڌايو ته احتساب عدالت اسحاق ڊار کي مفرور قرار ڏنو هو پر عدالت اڃا تائين گهرو وزارت کي حڪم جاري نه ڪيو آهي، جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته احتساب عدالت کي ڪارروائي لاءِ درخواست ڏيو. چيف جسٽس اسحاق ڊار جي واپسي لاءِ سمورا قدم کڻڻ جو حڪم ڏيندي رمارڪس ڏيندي چيو ته اسحاق ڊار کي ملڪ ۾ ڪو به خطرو ناهي، هو معمولي جوابدار ناهي، هن کلي عام چونڊ وڙهي آهي، کيس هر صورت ۾ واپس آڻڻو پوندو، اسحاق ڊار جي پيش نه ٿيڻ جا سنگين نتيجا نڪرندا، کيس اهڙي چڪ پئي آهي جو سمورو معاملو ئي چڪي ويو آهي،  عدالت عدم پيشي تي هڪ طرفي ڪارروائي ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے