13 منگل , نومبر 2018

تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ بابت دوستن سان مشورا ڪري رهيو آهيان: فاروق ستار

I will never do anything for M.Q.M. PARTATION: Farooq Sattarاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته مان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ بابت ويجهن دوستن سان مشورا ڪري رهيو آهيان.  اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران وزيراعظم عمران خان خلاف چونڊ خرچن بابت درخواستن جي ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته مان 30 سالن کان هڪ پارٽي ۽ هڪ منشور سان جڙيل رهيو آهيان، تحريڪ انصاف جي ڪجهه ميمبرن مون سان پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ  رابطو ڪيو آهي،  تحريڪ انصاف جي خواهش آهي ته مان قومي اسيمبليءَ ۾ عارف علوي جي خالي ٿيل سيٽ تان چونڊ وڙهان، تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ بابت ويجهن ساٿين سان مشورا ڪري رهيو آهيان.  هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ وڏين سياسي پارٽين جي بي لغام چونڊ خرچن بابت درخواست ڏني آهي ۽ سمورن اميدوارن کي عام چونڊن ۾ هڪ جهڙا موقعا نه ملندا آهن، سياسي پارٽيون ڪروڙين رپين جا خرچ ڪنديون آهن. ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته عام چونڊن ۾ پ پ ۽ مسلم ليگ ن 2، 2 جڏهن ته تحريڪ انصاف هڪ ارب رپيه خرچ ڪري ڇڏي ٿي، ٽي وي تي اشتهار ڏئي چونڊ مهم هلائي ويندي آهي، اهڙن خرچن کي پارتي اثاثن ۾ ظاهر ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے