14 بدھ , نومبر 2018

قومي ڪرڪيٽرن پاران وطن جي بچاءَ لاءِ قرباني ڏيندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش

Protestant martyrdoms for homeland protection by national cricketersڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڄ پوري قوم بچاءَ ۽ شهيدن جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي. 6 سپٽمبر 1965 جو ڏينهن پاڪستان جي جنگي تاريخ جو روشن باب آهي جڏهن پاڪ فوج ڀارتي فوج کي شرمناڪ شڪست ڏني هئي.ان وقت کان وٺي هر سال 6 سپٽمبر کي ملڪي بچاءَ جي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو آهي.ملڪ جي حفاظت  لاءِ اسان جا جوان اڄ به جانيون قربان ڪري رهيا آهن. ان حوالي سان قومي ڪرڪيٽرن پڻ بچاءَ ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجن پيغامن ۾ پياري وطن لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ وارن کي سلام پيش ڪيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ آل رائونڊر شعيب ملڪ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ ملڪ جي شهيدن کي سلام پيش ڪيو آهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آل رائونڊر محمد حفيظ پڻ پاڪستان زندا آباد جو نعرو هڻندي قوم جي شهيدن کي سلام پيش ڪيو. نوجوان فاسٽ بالر حسن علي پڻ وطن لاءِ قربانيون ڏيندڙ شهيدن جي تصوير شيئر ڪري کين خراج عقيدت پيش ڪئي. فاسٽ بالر وهاب رياض بچاءَ واري ڏهاڙي تي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪيو. وهاب رياض پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته هن روئي زمين تي اهڙي ڪا به طاقت ناهي جيڪا پاڪستان کي مٽائي سگهي. وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين عدنان اڪمل پڻ ٽوئيٽر تي بچاءَ واري ڏهاڙي ۽ شهيدن جي حوالي سان پيغام جاري ڪيو. اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي پڻ پاڪستان جي بچاءَ واري ڏهاڙي تي هڪ ويڊيو پيغام جاري ڪيو. پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ شاهد آفريديءَ چيو ته پاڪ فوج ۽ شهرين جي قرباني سان خيبر ايجنسي جي وادي تيره ۾ امن قائم ٿيو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجو پنهنجو تعلق تيره سان آهي ۽ شڪر آهي جو دهشتگردي جو خاتمو ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے