21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: نوابشاهه: شاگردياڻي فرزانه جمالي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جسقم جو احتجاج

Nawabshah: Protest by JSQM for the justice with Farzana Jamali*نوابشاهه ۾  شهيد بينظيرڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانه جمالي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جسقم جي احتجاج ڪيمپ جاري آهي .

جسقم جي ڪارڪنن علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال  جاري آهي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شاگردياڻي سان ظلم ڪندڙ وي سي ارشد سليم ۽ پروفيسر عام خٽڪ کي ترت گرفتار ڪري نياڻي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 هنن چيو ته ارشد سليم جي موجودگي ۾ نياڻيون شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ نٿيون پڙهي سگهن.

 هنن چيوته افسوس آهي جو نياڻي انصاف لا۽ در در جون ٺوڪرون کائي رهي آهي پر سنڌ حڪومت نياڻي کي انصاف ڏيارڻ بجاءِ بد ڪردار وي سي جي مدد ڪري رهي آهي.

هنن چيو ته فرزانه جمالي سنڌ جي نياڻي آهي ۽ اسان سڀ سنڌ جي نياڻي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ  روڊن تي نڪتا آهيون ۽ جيستائين انصاف نه ملندو تيستائين احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري رهندا. …………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے