18 اتوار , نومبر 2018

ڀارتي سپريم ڪورٽ هم جنس پرستي کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ 2013ع ۾ ڏنل پنهنجي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي هم جنس پرستي کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني اتفاق سان فيصلو ڏيندي هم جنس پرستي کي سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏيڻ جي قانوني شق 377 کي ختم ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد ملڪ ۾ هاڻي هم جنس پرستي ڏوهه نه هوندو. ڀارتي چيف جسٽس ديپڪ مشرا فيصلو ٻڌائيندي چيو ته هم جنس پرستن کي عام شهرين جهڙا حق آهن،هڪ ٻئي جي حقن جو احترام ڪرڻ اعليٰ ترين انسانيت آهي.  سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته هم جنس پرستي خلاف قانوني شق 377 غير معقول ۽ ظالماڻي آهي، ڪو به شخص پنهنجي ذات سبب اڪيلو نه ٿو ٿي سگهي. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ هدايت ڪئي ته وقت جي گهرجن موجب قانون جي وڌيڪ تشريح ٿيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪيليفورنيا جي ٻيلن ۾ لڳل باهه سبب فوتگين جو انگ 74 ٿي ويو آهي، هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهون لاپتا آهن

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ امريڪي ڪيليفورنيا ۾ 10 ڏينهن کان لڳل باهه تي اڃاتائين قابو ۾ ناهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے