21 بدھ , نومبر 2018

پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم عمران خان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته  بچاءَ وارو ڏهاڙو اسان جي قومي اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو بهترين مثال آهي،  اسان کي پيار آهي پاڪستان سان جو عنوان سموري قوم جي اميدن ۽ جذبن جو ترجمان آهي،  اهو جذبو رڳو 6 سيپٽمبر تائين محدود ناهي پر ان جو حقيقي روح سمورا سال زنده رهندو آهي. هن چيو ته پاڪ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، فوج جي دهشتگردي جي خاتمي ۾ جرئت کي واکاڻيان ٿو،اسان پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن مادر وطن جي دفاع جو فرض سهڻي نموني ادا ڪيو، جڏهن ته دهشتگردي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان پرامن گڏيل بقا تي يقين رکي ٿو، اسان سمورن پاڙيسرين سميت سموري دنيا سان برابري جي بنيادن تي سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم عمران خان چيو ته عالمي طاقتون والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم، تشدد ۽ اڳرائي  جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل خطي جي امن لاءِ نهايت اڻٽر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے