18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: ڏھرڪي : والد پنهنجي نياڻي کي مبينا طور پنجن لکن عيوض اڌڙوٽ کي وڪرو ڪري ڇڏيو

Daharki: Father was selling his daughter for 5 lacks, she refused and escaped*ڏھرڪي ويجهو والد پنهنجي نياڻي کي مبينا طور پنجن لکن عيوض اڌڙوٽ کي وڪرو ڪري ڇڏيو ، ناري شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو، ناري گهران نڪري نوجوان سان پرڻو ڪري ڇڏيو.

 ماڇڪو ۾ پيءُ پنهنجي ڌيءَ ضميران گهانگهرو کي مبيناطور  پنج لک روپين ۾ علائقي جي اڌڙوٽ بااثر شهزادي کي وڪرو ڇڏيو.

  ناري ضميران گهانگرو گهران نڪري ريتي شهر جي نوجوان محمد رمضان شر سان صادق آباد جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو .

جوڙي ميڊيا کي ٻڌايو ته  سندس لالچي پيءُ شبير احمد گهانگهرو علائقي جي بااثر اڌڙوٽ عمر جي شهزادي کي پنج لک روپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو ۽ زبردستي پرڻائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پر هن  شادي ڪرڻ کان انڪار ڇڏيو.

 هن ٻڌايو ته ريتي جي رهواسي محمد رمضان شر سان صادق آباد جي عدالت ۾ پيش ٿي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي،

 هن ٻڌايو ته پسند جو پرڻو ڪرڻ تي لالچي پيءُ شبير گهانگهرو، حميد گهانگهرو، سهڻو گهانگهرو ۽ ٻيا دشمن بڻجي ويا آهن.

متاثر عورت ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي …..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڏيجي: ڳوٺ نور خان بوزدار جي رهواسي جوڙي خيرپور جي عدالت پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

*ڪنب ويجهو  ڳوٺ نور خان بوزدار جي رهواسي جوڙي خيرپور جي عدالت پسند جو   پرڻو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے