17 ہفتہ , نومبر 2018

ايشيا ڪپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون: حسن علي

The Asia Cup's toilet is intended to be named: Hassan Aliلاهور(اسپورٽس نيوز) فاسٽ بالر حسن علي چيو آهي ته ايونٽ ۾ ڀارت، سريلنڪا سميت مضبوط ٽيمن سان مقابلو ڪرڻ ڪنهن  چيلنج کان گهٽ نه هوندو ۽ ايونٽ ۾ سٺي ڪاڪردگي پيش ڪندي ٽائيٽل پنهنجي لاءِ ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون. قومي ٽي جي فاسٽ بالر حسن چيو آهي ته دٻاءُ  ۾ کيڏندي ڪاڪردگي ڏيکارڻ پسند ڪندو آهيان، ڀارت خلاف ميچ ۾ پڻ ڀرپور جذبي سان ميدان تي لهندي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، نه رڳو روايتي مخالف خلاف ميچ پر پوري ايونٽ ۾ سٺي ڪاڪردگي پيش ڪندي ٽائيٽل پنهنجي لاءِ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته ايونٽ ۾ ڀارت، سريلنڪا سميت مضبوط ٽيمن سان مقابلو ڪرڻ ڪنهن چيلنج کان گهٽ نه هوندو، ڪنهن به ٽيم کي آسان مخالف سمجهڻ جي غلطي نه ڪنداسين يو اي اي جي ڪنڊيشنز کان سٺي ريت آگاهه آهيون، ان کي بهتر استعمال ڪندي ڪاميابيون حاصل ڪنداسين، ورات ڪوهلي عالمي ۾ موجودا دور جو سڀ کان بهترين بيٽسمين آهي، ڪو به نئون پليئر سندس جاءِ نٿو والاري سگهي، نئون پليئر اسٽار ڪرڪيٽر وانگر دٻاءُ ۾ بهترين راند پيش نه ڪري سگهندو، ان ڪمزوري مان فائدو کڻي سگهون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ماضي ۾ ورات ڪوهلي جي وڪيٽ حاصل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي، ايشيا ڪپ ۾ اهو موقعو نه ملي سگهندو پر اميد آهي ته مستقبل ۾ ڪڏهن آمهون سامهون ٿياسين ته سندس وڪيٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪندس. حسن علي چيو ته 6 فاسٽ بالرن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو سليڪشن ڪميٽي ڪيو آهي،  ميچ ۾ ڪنهن کي موقعو ڏيڻو آهي اهو فيصلو ٽيم منيجمنٽ ڪندي، انهن بالرن مان ٽيم جي ضرورت موجب جنهن کي به پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو اهو پنهنجي ذميوارين سان انصاف ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو، هن چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏڻ جي حوالي سان ڪو به ارادو ناهي ڪيو، ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ ۾ پڻ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ چاهيان ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن رانديگر کي ٽنهي فارميٽن ملڪ جي نمائندگي ڪرڻي آهي ته فٽنس اعليٰ معيار جي هئڻ گهرجي، تنهن ڪري مان ان معاملي تي خاص ڌيان ڏيندو آهيان

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڪي عالمي ڪپ: پاڪستان رانديگرن کي ويزائون جاري، ڪوچ اوسيئڙي ۾

 لاهور ( اسپورٽس نيوز ) هلندڙ مهيني ڀارت ۾ شروع ٿيندڙ هاڪي عالمي ڪپ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے