14 بدھ , نومبر 2018

ساٿين کي ريٽائرمنٽ جو ٻڌائيندي اکين مان لڙڪ لاڙي ويٺس: اليسٽرڪُڪ

Saturn's listening to the Saturn has spread out in the eyes: alastair cookلنڊن(اسپورٽس نيوز)انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اليسٽرڪُڪ چيو آهي ته ساٿين کي ريٽائرمنٽ جو ٻڌائڻ وقت منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا هئا. انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر اليسٽرڪُڪ 6 مهينن کان پاڻ کي ريٽائرمنٽ تي راضي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو هو. هن چيو ته سندس لاءِ ان فيصلي تائين پهچڻ واري عمل کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي، گذريل 6 مهينن کان اها ڳالهه منهنجي ذهن ۾ هئي ته ائين ٿيڻ وارو آهي، مان سدائين ذهني طور ڪافي مضبوط رهيو آهيان ۽ هر صورتحال جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي. ڪُڪ پنهنجي ان فيصلي جي حوالي سان ميچ کان اڳ ڪپتان جوئي روٽ ۽ هيڊ ڪوچ ٽريور بيلس کي ٻڌايو هو جڏهن ته ٻين رانديگرن کي سندس چوٿين ٽيسٽ بعد جذباتي تقرير بعد اها خبر پئي. ان موقعي تي اليسٽر ڪُڪ چيو ته جڏهن ساٿين کي پنهنجي ريٽائرمنٽ کان آگاهه ڪيم ته اکين مان لڙڪ پڻ لاڙي پيا هئا. اليسٽرڪُڪ چيو ته جڏهن مان ساٿين رانديگرن کي ٻڌايو ته بنهه خاموشي ڇائنجي وئي پوءِ معين علي ڪجهه چيو جنهن ته ٽهڪڙو مچي ويو ۽ سڀ نارمل ٿي وياسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ: پاڪستان  پنجين نمبر تي اچي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے