15 جمعرات , نومبر 2018

لاهور ۾ چوري جي الزام هيٺ عورتن تي بدترين تشدد، وڏي وزير نوٽيس ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي جلوموڙ ۾ ڪپڙي جي دڪان تان چوري جي الزام ۾ ٻن عورتن کي پڪڙي کين دڪاندار ۽ ٻين ماڻهن طرفان بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. واقعي جي ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪپڙي جي دڪان ۾ ٻن عورتن کي ڪجهه ماڻهو تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. ان دوران هڪ شخص عورتن کي ڏنڊا پڻ هنيا، جڏهن ته چماٽن ۽ لتن جو به آزاداڻو استعمال ڪيو ويو. انهن عورتن کي دڪان مان چوري جي الزام ۾ پڪڙيو ويو هو، جن کي تشدد کانپوءِ ڇڏيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته دڪان ۾ چوري يا عورتن تي تشدد جي حوالي سان اسان کي ڪا درخواست وصول ناهي ٿي ۽ نه ئي علم آهي ته اهو واقعو ڪٿي پيش آيو. ايس پي ڪينٽ آصف امين جو چوڻ آهي ته عورتن تي تشدد ڪندڙ دڪاندارن ۽ ٻين ماڻهن جي ڳولا جاري آهي، انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار عورتن تي بدترين تشدد واري واقعي جو نوٽيس وٺي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے