18 اتوار , نومبر 2018

اسان کي 28 هزار ڪروڙ جا قرض ورثي ۾ مليا: سڌُ سماءَ وارو وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته 28 هزار ڪروڙ جو قرض ورثي ۾ مليل آهي، ملڪ ترقي ڪندو ته اسان سڀ ترقي ڪنداسين، پاڪستان کي ترقي جي رستي تي آڻڻ اسان جو منشور آهي، ان تي عملدرآمد ڪنداسين. تفصيل موجب اسلام آباد ۾ سڌُ سماءَ واري وزير فواد چوڌري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ترقي ڪندو ته اسان سڀ ترقي ڪنداسين، ملڪ جي ترقي ۾ اسان سڀني جو فائدو آهي، اسان کي 28 هزار ڪروڙ جا قرض ورثي ۾ مليل آهن، اسان جا ادارا مڪمل طور ويهي چڪا آهن انهن کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. سڌُ سماءَ واري وزير جو چوڻ هو ته اڄ ملڪ اهڙي دور مان گذري رهيو آهي جنهن مان ذميوار اسان پاڻ آهيون،  جيڪو ٽيڪنالاجي جو انقلاب آيو ايندڙ 10 سالن ۾ ان کان وڏو انقلاب ايندو، ٽيڪنالاجي ۾ ترقي جي ڪري ميڊيا ۾ به تيزي سان تبديلي ٿي، انٽرنيٽ سينسر شپ وڌائي وئي ته انٽرنيٽ کي بند ڪرڻو پوندو. فواد چوڌري چيو ته ميڊيا جي آزادي رياست جي لاءِ انتهائي اهم آهي، ميڊيا سان ڳالهين کان سواءِ ڪا به اٿارٽي قائم نه ڪئي ويندي، ميڊيا بابت قانون سازي صحافين سان ڳالهين بعد ٿيندي. ميڊيا ۽ مخالف ڌر کان سواءِ اڳتي وڌڻ ممڪن ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے