13 منگل , نومبر 2018

العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي

NAB references against Nawaz Sharif will be reinstated todayاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي. نواز شريف خلاف العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل خواجا حارث جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ کان آڏي پڇا ڪئي. خواجا حارث ٻڌڻي دوران سوال ڪيو ته ڇا جي آءِ ٽي آڊٽ بيورو جي اختيارين سان رابطي جي ڪوشش ڪئي؟ جنهن تي واجد ضياءَ جواب ڏنو ته ايلڊر آڊٽ رپورٽ انهن اسٽيٽمينٽ جي بنياد تي آهي، جن جي آڊٽ بيورو نه ڪئي وئي. فريادي جي شاهد ٻڌايو ته حسين نواز بابت آڊٽ رپورٽ مالي سال 2010ع کان 2014ع تائين جي آهي، جنهن شخص رپورٽ تيار ڪئي ان جو نالو ۽ ٻيا تفصيل رپورٽ ۾ داخل آهن. خواجا حارث سوال ڪيو ته هل ميتل اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن آپريشنل ٿي، جنهن تي واجد ضياءَ جواب ڏنو ته رڪارڊ ڏسي جواب ڏئي سگهان ٿو. جي آءِ ٽي سربراهه چيو ته جواب ڏيڻ لاءِ سي ايم اي ۽ حسين نواز جو بيان ڏسڻو پوندو. فريادي جي شاهد ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ۾ متفرق درخواست جمع ڪرائي وئي، جنهن موجب ايڇ ايم اي 2006 جي شروعات ۾ قائم ٿي. نواز شريف جي وڪيل سوال ڪيو ته جي آءِ ٽي جي جاچ موجب ايڇ ايم اي ڪڏهن قائم ٿي؟ واجد ضياءَ جواب ڏنو ته جي آءِ ٽي ان حوالي سان ايم ايل اي لکيو هو. جي آءِ ٽي سربراهه ٻڌايو ته ايلڊر آڊٽ رپورٽ ايڇ ايم اي جي 15-2015 عي اڪائونٽن تي ٻڌل آهي، ايڇ ايم اي جي آڊيٽڊ اڪائونٽن جا تفصيل گهرڻ ضروري نه سمجهيو. واجد ضياءَ چيو سعودي اختيارين کي 31 مئي 2017 تي رڳو هڪ ايم ايل اي لکيو ويو، جنهن جو جواب نه مليو. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران خواجا حارث چيو ته پڇا ڪري رهيو آهيان، ٻئي پراسيڪيوٽر پاڻ ۾ نه ڳالهائن، توهان جرح دوران ڳالهه ٻولهه نه ڪيو، ان ۾ ڊسٽرب ٿيان ٿو. نيب پراسيڪيوٽر چيو مون کي عدالت چئي ته نه پڇندس، توهان ڊڪٽيٽ نه ڪيو، عدالت نيب پراسيڪيوٽر کي پڇا ڳاڇا دوران نه ڳالهائڻ جي هدايت ڪئي. خواجا حارث سوال ڪيو ته علم ۾ آهي ڪمپنيز آرڊيننس 1984 کي 2017 ڪمپنيز ايڪٽ ۾ تبديل ڪيو؟ واجد ضياءَ جواب ڏنو ته نه، منهنجي علم ۾ ناهي. نواز شريف جي وڪيل چيو ته علم ۾ آهي پارٽنر شپ ايڪٽ 1969 هلي رهيو آهي، جنهن تي جي آءِ ٽي سربراهه جواب ڏنو ته ها، مان ڄاڻان ٿو. خواجا حارث سوال ڪيو ته خبر اٿو ڪمپينز ايڪٽ ڪمپني کي ۽ پارٽنر شپ ايڪٽ پارٽنر شپ کي ڊيل ڪندو آهي؟ واجد ضياءَ جواب ڏنو ته مان ايڪسپرٽ ناهيان. نيب پراسيڪيوٽر خواجا حارث کي مخاطب ڪندي چيو ته پارٽنر شپ ايڪٽ 1969 ناهي 1932 آهي ٺيڪ ڪري ڇڏيو، جنهن تي نواز شريف جو وڪيل آپي مان ٻاهر نڪري ويو. اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل چيو ته اهي توهان کي چريو ڪري رهيا آهن ۽ توهان چريا ٿي رهيا آهيو، پوءِ العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي. خواجا حارث سڀاڻي به واجد ضياءَ کان آڏي پڇا جاري رکندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت وٽ نه اهليت ۽ نه وري ڪا رٿابندي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار بني گالا ۾ حددخلين بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے