15 جمعرات , نومبر 2018

عدالت جو پنجاب ڪابينا کان فوري ڊيم جي منظوري وٺڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ڍوچا ڊيم جي تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت فوري طور تي پنجاب ڪابينا کي ڊيم جي منظوري جي هدايت ڪري ڇڏي. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ ڍوچا ڊيم جي تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڪئي. هن چيو ته وڌيڪ وقت ه ڏينداسين ڇو ته پهرين ئي معاملي ۾ دير ٿي وئي آهي. چيف جسٽس چيو ته اسان هڪ هڪ ڊيم کي تعمير ڪنداسين. اسان آبي وسيلا تعمير ڪرڻا آهن. ڊيمن جي تعمير ۾ بيوروڪريسي جي معاملن ۾ رنڊڪ نه بڻجنداسين، ڍوچا ڊيم جي تعمير ۾ ڪنهن رونڊڪ وجهي ذميوارن کي ڳوليو ويندو. آبپاشي واري سيڪريٽري چيو ته ڊيم جو معاملو آبپاشي کاتي ٽيڪ اوور ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس چيو ته توهان جيڪو پلان ڏنو ۽ رقم ٻڌائي ان مان اڌ خرچ ٿي چڪي آهي، رقم ٺيڪيدارن، انجنيئرن ۽ بيوروڪريسي جي کيسن ۾ ويندي، ديامر ڀاشا ڊيم بڻائڻ جو ارادو ڪيو ويو ته چيو ويو ڪميشن کي ڪنٽرول ڪنداسين.  عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو چيئرمين اقليت مان لڳائڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ حڪومت کي متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے