21 بدھ , نومبر 2018

پنجاب ڪابينا جي وڌيڪ 5 وزيرن کي قلمدان ڏنا ويا

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت صوبائي ڪابينا جي وڌيڪ 5 وزيرن جي کاتن جو اعلان ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ڪابينا ۾ شامل وڌيڪ 5 وزيرن کي کاتا ڏئي ڇڏيا. حافظ عمار ياسر کي قدرتي وسيلن ۽ معدنيات جي وزارت ڏني وئي آهي جڏهن ته راجا راشد حفيظ کي لٽريسي ۽ غير رسمي بنادي تعليم جو کاتو ڏنو ويو آهي. سردار حسنين بهادر دريشڪ کي لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري ڊيولپمينٽ جو وزير مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته چوڌري ظهير الدين کي پبلڪ پراسيڪيوشن جو کاتو ڏنو ويو آهي، هاشم ڊوگر کي بهبود آبادي جو کاتو ڏنو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے