18 اتوار , نومبر 2018

سينيٽ ڪميٽي: آف شورڪمپنين مان فائدو کڻندڙ پاڪستانين جون فهرستون طلب ڪيون وينديون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آف شور ڪمپنين مان فائدو کڻندڙ ساڍا چار سئو کان وڌيڪ سمورن پاڪستانين جون فهرستون طلب ڪرڻ جو طلب ڪري ورتو. سينيٽر جاويد عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وراثتي سرٽيفڪيٽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان، مسيحي برادري سميت 6 بلن تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي ڪارروائي دوران وراثتي سرٽيفڪيٽ جي تياري جو اختيار نادرا کي ڏيڻ جي تجويز سامهون آئي ته گهرو ايڊيشنل سيڪريٽري موقف اختيار ڪيو ته نادرا وٽ پاڪستان جي سمورن شهرين جو ريڪارڊ موجود ناهي جڏهن ته ڪنڪرنٽ ٽٽڻ تي اِهو معاملو صوبائي آهي لائنڊ ريڪارڊ ميصبن ۽ مرڪز ۾  آٽوميشن کي متعارف ڪرائي سگهجي ٿو.  وراثتي سرٽيفڪيٽ کي حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جا سمورا شهري ڏکيائين جو شڪار ٿي رهجي ويا. ڪميٽي ۾ ٻين ملڪن جي قانون جو جائزو وٺڻ ۽ نئين قانون لاءِ قانون واري وزارت کان هڪ مهيني ۾ ورڪنگ پيپر گهري ورتو جڏهن ته 90 ڏينهن ۾ عدالتن ۾ اپيل تي فيصلو اچڻ جي ترميم منظور ڪندي محدود مدي واري ايڪٽ بابت ترميم بل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ محتسب جي مقرري بابت قانون واري وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته مقرري جي حوالي سان شقن ۾ تڪرار آهي. هڪ شق اِهو ٿو چئي ته محتسب جو مدو پورو ٿيڻ تي نئين محتسب جي مقرري تائين اهو ئي پنهنجو ڪم جاري رکيو ويندو. جڏهن ته ٻي شق ۾ چيو ويو آهي ته عهدو خالي ٿيڻ تي وقتي محتسب صدر کي مقرر ڪنداسين. اسٽيڊنگ ڪميٽي  شڪ شبها ختم جي لاءِ ٽيهه ڏينهن ۾ محتسب جي مقرري جي ترميم جي سفارش ڪندي ۽ بل کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي. اختيارين طرفان واڌ جي تجويز جي ن ليگ جي مصدق ملڪ سخت مخالفت ڪندي چيو ته ادارن ۾ واڌ جي ڪري جهيڙا ٿيندا آهن. ٽن سالن تائين مقرري جو قانون هوندو آهي پر واڌ ورتي ويندي آهي ان سان اثرانداز ٿيڻ جو موقعو ملندو آهي. ڪنهن به اداري ۾ سربراهه يا ٻين عهديدارن جي واڌ بدران بروقت مقرري ٿيڻ گهرجي ۽ جتي ائين نه ٿئي اُتي جوابداري ٿيڻ گهرجي. اجلاس دوران لا ۽ جسٽس ڪميشن ايڪٽ ۾ امڪاني ڦيرڦار بابت سب ڪميٽي جي ميمبرن جي باري ۾ ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽر ميان رضا رباني سلهاڙيل ڪميٽي جي سربراهي کان معذرت ڪئي جڏهن ته سينيٽر مظفر حسين شاهه چيو ته هو به ٽائيم نٿو ڏئي سگهي. جنهن بعد سلهاڙيل ڪميٽي ٽٽي پئي.  ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ چوڌري سرور ۽ سينيٽر عائشه رضا فاروقي کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو هو، چوڌري سرور پنجاب جي گورنر جي عهدي تي رهي چڪو آهي جڏهن ته رضا رباني معذرت ڪري ورتي، ڪميٽي جي چيئرمين نون ميمبرن جي پڇاڻي تي ٻڌايو ته ڪميٽي لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي ايڪٽ ۾ ان ڪري ڦيرڦار ڪرڻ چاهي ٿي ڇو ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽس صاحبن جي ڪلهن تي اڳي ئي ذميواري آهي ۽ ان جي لاءِ امڪان ناهي ته ڪو ٻيو ڪم ڪري سگهي. ان ڪري اسان ايڪٽ کي وڌيڪ بهتر ۽ ڪمپوزيشن کي تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا.  رضا رباني جي معذرت تي سب ڪميٽي جي لاءِ فاروق نائيڪ سان رابطي جو فيصلو ڪيو ويو. ڪميٽي ۾ انهن سان گڏ مصدق ملڪ ۽ عائشه فاروق شامل هوندي، اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪميٽي جي چيئرمين جاويد عباسي چيو ته ڪميٽي پنهنجي ايندڙ حڪمت عملي تي غور ڪري رهي آهي. پاناما جي آف شور ڪمپنين ۾ ايندڙ سمورن پاڪستانين جي نالن جون فهرستون طلب ڪيون وينديون ڇو ته پاناما آف شورڪمپنين جي حوالي سان هڪ شخصيت کي نشانو بڻائي ٻين سان احتساب ڇو ناهي ٿيو ڪميٽي ان جو ضرور جائزو وٺندي ۽ ڳالهين سان پاڪستانين جي سمورين پاناما آف شور ڪمپنين جي امڪاني جاچ تي ڳالهيون ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے