21 بدھ , نومبر 2018

ڇا ٻولي ماهر واقعي به سنڌو لکت کي مصنوعي ذھانت جي مدد سان پڙھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا؟:ڪامران جتوئي

مصنوعي ذھانت ۾ ٿيندڙ تازيون اڳڀرايون ۽ پاڪستان ۾ سينٽر کلڻ…

ايڪويهين صديءَ جي هلندڙ ڏھاڪي ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي شاخ مصنوعي ذھانت (Artificial Intelligence) کي جهڙي نموني سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي آھي يا ڌاڪو ڄمايو آھي تنهن دنيا جي وڏين وڏين ڪارپوريشنس کي مصنوعي ذھانت ۾ سيڙپ ڪرڻ تي مجبور ڪري وِڌو آھي. هن وقت دنيا چوٿين صنعتي انقلاب (Fourth Industrial Revolution) ۾ داخل ٿي چڪي آھي، جنهن ۾ مصنوعي ذھانت، روبوٽڪس، بلاڪ چين، ڪلائوڊ، موبائيل، سوشل، ورچئل ريئلٽي، خودڪار ڪارون، 5G نيٽورڪ، قوانٽم ڪمپيوٽنگ وغيره اچي وڃن ٿا.

مصنوعي ذھانت جھڙي فيلڊ جي مستقبل ۾ اهميت کي ڏسندي فيسبوڪ، گوگل سميت وڏين وڏين ڪارپوريشنس وڏي سيڙپ ڪئي آھي. توڙي جو اهو الڳ بحث آھي ته مستقبل ۾ مصنوعي ذھانت انسان ذات لاءِ ڪيتري قدر فائديمند ثابت ٿيندي يا مورڳو انسان ذات لاءِ هانڃيڪار ثابت ٿيندي..! تازو اسان کان وڇڙي ويل عظيم سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ به مصنوعي ذھانت کي انسان ذات لاءِ ڪو سڦلائتو نه پئي سمجھيو. هاڪنگ انسان ذات جي مستقبل بابت فڪرمند ٿيندي اهو چئي ڏنو ته جيڪڏھن انسان ذات جو وجود بچائڻو آھي ته پوءِ ڪنهن ٻئي سياري تي شفٽ ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به دڳ ناهي…

اسپيس ايڪس (SpaceX) جي باني ايلن مسڪ گزريل ڪجھه سالن ۾ مصنوعي ذھانت جي فيلڊ ۾ وڏي سيڙپ ڪئي آھي پر تنهن هوندي به هن کي انديشو آھي ته مصنوعي ذھانت ڪاٿي انسان ذات جو متبادل نه ٿي پوي. جتي مسڪ فڪرمند آھي ته اتي وري فيس بوڪ جو باني مارڪ زڪربرگ وري بلڪل پراميد آھي ته مصنوعي ذھانت انسان ذات لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي ۽ اڳتي هلي مصنوعي ذھانت جي مدد سان شيون آسان ٿي پونديون جنهن جو فائدو انسان ذات کي ئي پوڻو آھي.

ڪجھه اهم اڳڀرايون :

آمريڪا ۾ گذريل سال آءِ بي ايم (IBM Watson) نالي سوال جواب ڏيندڙ ڪمپيوٽر هڪ ملين ڊالر گيم کٽي دنيا کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون هيون. مستقبل ۾ آءِ بي ايم جي مدد سان سرجري ۽ ڪئنسر جي تشخيص ڪرڻ ۾ مدد ملندي. آءِ بي ايم جي مدد سان هاڻي مستقبل ۾ امڪاني قدرتي آفتن جو اڳواٽ پتو لڳايو ويندو. تازو وال اسٽريٽ جرنل جي هڪ آرٽيڪل ۾ لکيو ويو آھي ته اتر آمريڪا جي مختلف ننڍن وڏن شھرن ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مصنوعي ذھانت جي سسٽم جو خوب فائدو ورتو پيو وڃي. اسڪاٽلئنڊ جي ماهرن هاءِ رسڪ شھري ايرياز ۾ ٻوڏ جو پتو لڳائڻ لاءِ مصنوعي ذھانت جي مدد سان سسٽم جوڙيو آھي.

ڪجھه مهينا پهريان اسان هڪ ليک ۾ سنڌ جي انهيءَ نوجوان جو ذڪر ڪيو هو جنهن کي سيٽلائيٽ جي مدد سان ٻوڏ جو اڳواٽ پتو لڳائڻ، ڊرون جهازن ۽ پکين جي چرپر جو پتو لڳائڻ ۽ ميڊيڪل اميجز جي مدد سان ڪئنسر جهڙي مرض کي دريافت ڪرڻ جهڙن اهم پروجيڪٽس تي ريسرچ ڪرڻ تي کيس آمريڪا، جپان ۽ ترڪي جهڙن ملڪن طرفان گرانٽس ڏنا ويا ھيا. ايسٽرن ڪئنٽڪي يونيورسٽي (Eastern Kentucky University) جي ريسرچ ڪندڙ ماهرن مطابق مصنوعي ذھانت جي مدد سان ٻوڏ جو اڳواٽ پتو ڏيندڙ ۽ بچاءُ وارو سسٽم سڌريل ملڪن جي مقامي حڪومتن ۽ شھري حڪومتن کي ڏاڍو فائدو پهچائي رهيا آھن. جيتوڻيڪ ان جو استعمال اڃان وڏي پئماني تي ناهي ٿيو پر جيئن جيئن هيٺين ليول تي اهو سسٽم ڪامياب ٿيندو رهيو ته اڳتي هلي ان کي ڊگھي مدت (Long Term) لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

گذريل ستر سالن کان مشھور لگزري هوٽل برانڊ انٽر ڪانٽيننٽل هوٽلس ائنڊ رزرٽس (Inter Continental Hotels & Resorts) وارن هلندڙ سال چائنا ۾ مصنوعي ذھانت جي مدد سان هوٽل جي ڪمرن کي سمارٽ رومز (Smart Rooms) ۾ تبديل ڪرڻ جو پروجيڪٽ آڏو آندو آھي.

آمريڪا ۾ مصنوعي ذھانت جي سسٽم سان آپريٽ ٿيندڙ هاٽ لائن، ڪرائسز ٽيڪسٽ لائن (Crisis Text Line) گزريل پنجن سالن کان ڪم پئي ڪري جنهن جي مدد سان ڊپريشن جي شڪار ماڻھن جي مفت ۾ مدد ڪئي پئي وڃي. هن وقت تائين 30 ملين ٽيڪسٽ جي ڊيٽا يوزرس ۽ هاٽ لائن جي درميان ايڪسچينج ٿي چڪي آھي ۽ 5000 کان وڌيڪ ماڻھن کي پريشانين ۽ خودڪشين جي راهه تان واپس آڻي کين نيون زندگيون عطا ڪيون ويون آھن.

تازو هارورڊ جي ماهرن مائڪرو ڪاڪروچ روبوٽس ٺاهيا آھن جيڪي زمين تي واڪ ڪري سگھن ٿا، پاڻي جي مٿاڇري تي تري سگھن ٿا ۽ پاڻي جي اندر اڻ ڄاڻايل مدي تائين چرپر ڪري سگھن ٿا. انهن مائڪرو ڪاڪروچ روبوٽن کي سپر پاور ملڪ پنهنجن دفاعي مقصدن لاءِ سامونڊي سرحدن تي استعمال ڪري سگھن ٿا.

ان کان علاوه ڏسجي ته خودڪار ڪارون (Autonomous/Driverless Cars) تي گذريل چئن سالن ۾ 80 بلين ڊالرس کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي وئي آھي. صحت جي حوالي سان ٽراءِ ڪوڊر (Tricoder)، فصلن جي ڪٽائي لاءِ ذرعي روبوٽس (Agricultural Robots) مارڪيٽ ۾ اچڻ وارا آھن. مستقبل ۾ استادن جي جاءِ روبوٽ پڙھائيندا، ڪارخانن ۽ کاڻين ۾ به روبوٽ ڪم ڪندا. خلا ۾ روبوٽ ڇڏيا ويندا ۽ درزين جي جاءِ روبوٽ وٺندا.

مستقبل ۾ سپر پاور ملڪ دفاعي مقصدن لاءِ روبوٽن کي سرحدن تي سيڪيورٽي اهلڪارن طور رکندا. مارڪيٽنگ ۾ به مصنوعي ذھانت جو ڀرپور استعمال ڪيو پيو وڃي. ايموشن ريڪگنيشن، اميج ريڪگنيشن، فيشل ريڪگنيشن، اسپيچ ريڪگنيشن، نيچرل لئينگويج جنريشن، ڊسيشن مئنيجمينٽ، ڊيپ لرننگ، روبوٽڪ پروسيس آٽوميشن، بائوميٽرڪ وغيره ۽ ميڊيڪل جي فيلڊ ۾ به مصنوعي ذھانت جو ڀرپور استعمال ڪيو پيو وڃي. فوريسٽر ريسرچ جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته 2016 ع جي ڀيٽ ۾ 2017 ع ۾ مصنوعي ذھانت ۾ %300 کان به وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي وئي آھي. نئريٽو سائنس (Narative Science) جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته گزريل ٻن سالن جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال ڪمپنين جي سروسز ۾ مصنوعي ذھانت جو ٻيڻ تي استعمال ٿيو آھي.

پاڪستان گورنمينٽ طرفان مصنوعي ذھانت لاءِ فنڊ مختص ڪرڻ ۽ اين سي اي آءِ (NCAI) جو ٺهڻ :

پاڪستان جي گزريل حڪومت مصنوعي ذھانت جي مختلف پروجيڪٽس لاءِ هلندڙ سال جي اپريل مهيني ۾ هڪ ارب ڏھ ڪروڙ روپين جي رقم ٽن سالن جي مدت لاءِ مختص ڪئي آھي جيتوڻيڪ باقي دنيا ته ٺھيو صرف انڊيا ۽ چائنا طرفان مصنوعي ذھانت جي پروجيڪٽس ۽ فنڊن جي ڀيٽ پاڪستان سان ڪنداسين ته پتو پوندو ته بدقسمتيءَ سان اسان ڪيترو نه پوئتي آھيون. پاڪستان ۾ مصنوعي ذھانت جي مختلف پروجيڪٽس جي نگراني هيڪ (HEC) جي حوالي ڪئي وئي آھي. هيڪ طرفان پوري ملڪ جي پبلڪ ۽ پرائويٽ يونيورسٽين مان ڪل ڇهن يونيورسٽين کي چونڊيو ويو آھي جتي مصنوعي ذھانت جون مختلف ليبس کوليون وينديون. سنڌ مان فقط اين اي ڊي (NED) يونيورسٽي کي چونڊيو ويو آھي جڏھن ته باقي ٻين يونيورسٽين ۾ نسٽ، ڪومسيٽ، يو اي ٽي (UET,Lahore)، يو اي ٽي (UET,Peshawar) ۽ پنجاب يونيورسٽي شامل آھن.
مصنوعي ذھانت سان منسلڪ هيٺيون ليبارٽريون مٿين يونيورسٽين ۾ کوليون وينديون

¤ Intelligent Robotics Lab
¤ Deep Learning Lab
¤ Medical Imaging Lab
¤ Diagnostic Lab
¤ Smart City Lab
¤ Neuro Computation Lab
¤ Intelligent Criminology Lab
¤ Agent Based Computational Modeling Lab

نسٽ يونيورسٽي کي مصنوعي ذھانت جي پراجيڪٽس جو هيڊڪوارٽر طور ڊڪليئر ڪيو ويو آھي. جڏھن ته هلندڙ سال مارچ ۾ پاڪستان جي گذريل حڪومت طرفان نسٽ يونيورسٽي ۾ نيشنل سينٽر آف آرٽيفشل انٽيليجنس (National Center of Artificial Intelligence) جو افتتاح ڪيو ويو هو. ان سينٽر جي ٺهڻ جو مقصد؛ ريسرچرس کي فيسيليٽ ڪرڻ، عالمي ٽرينڊس مطابق تحقيق ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل مصنوعي ذھانت جي ذريعي پيش ڪرڻ آھي.

جڏھن ته مٿين ڇهن يونيورسٽين مان هر يونيورسٽي مصنوعي ذھانت ۾ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊيز جا پروگرامس آفر ڪندي. مصنوعي ذھانت جهڙي اهم فيلڊ جو روشن مستقبل ڏسندي سنڌ سميت پوري ملڪ مان ڪافي نوجوان ٻاهرين ملڪن ۾ ريسرچ ڪري رهيا آھن ۽ گرانٽس حاصل ڪرڻ ۾ به ڪامياب ويا آھن. پاڪستان ۾ مصنوعي ذھانت جي ريسرچ سينٽر جو ٺهڻ ۽ مختلف يونيورسٽين ۾ لئبارٽرين جي کلڻ سان هتان جي نوجوانن کي ڀرپور فائدو ٿيندو. ملڪي سطح ۽ غير ملڪي سطح تي نوجوانن کي پنهنجو ٽئلينٽ شو ڪرڻ جا بهترين موقعا ملندا.

ڇا هاڻي مصنوعي ذھانت جي مدد سان هزارين سال پراڻي سنڌو لکت (Indus Script) کي پڙھي سگھبو…!؟

بقول سنڌي ٻولي ۽ لغت جي ماهر ڊاڪٽر آفتاب ابڙو جي ؛ ”سميري تهذيب ۽ مصري تهذيب جي همعصر قديم سنڌو تهذيب جي هڪ خاص پنهنجي ٻولي هئي. جنهن کي اڪثر عالمن ”سئنڌوئي” سڏيو آھي. اها بلڪل فطري اصولن مطابق هتي اڳ ۾ خيال، پوءِ تصويري تحرير (Picto graphs) ان مان وري تَصوري (Idio graphs) جوڙيا، جن جي آڌار تي سنڌو لکت جوڙي، جنهن جا ثبوت موهن جي دڙي ۽ ٻين قديم ماڳن جي کوٽائي مان مليا آھن.”

موهن جي دڙي جي کوٽائي کان اڄ ڏينهن تائين جيتوڻيڪ ڪيترن ئي عالمن ”سنڌو لکت” کي پڙھڻ جي دعويٰ ڪئي آھي پر تنهن هوندي به ڪا قطعي/حتمي راءِ قائم نه ٿي سگھي آھي. سنڌو لکت بابت سنڌ مان عطا محمد ڀنڀرو، ميڊم فهميده حسين، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو ٻين تحقيق ڪئي آھي انهن کان علاوه سي جي گئڊ، سڊني سمٿ، ڊاڪٽر لئنگڊن، ڊاڪٽر جي آر هنٽر جهڙن پرڏيهي عالمن به سنڌو لکت تي ڪم ڪيو آھي.

بقول ڊاڪٽر ابڙو جي ؛ ”سنڌو لکت جي ڀاڃ (Decipher) جي حوالي سان اڃان تحقيق هلي پئي، انگلينڊ، آمريڪا، جرمني، روس ۽ ھندستان ۾ باقاعده ان لکت بابت تحقيقي مرڪز/انسٽيٽيوٽ ٺھيل آھن پر افسوس ته سنڌ/پاڪستان ۾ جتي اها موجود آھي. ان بابت ڪو به تحقيقي مرڪز نه آھي.”

سنڌو لکت کي باوجود تاريخ ۽ تحقيق جي اک سان جانچڻ ۽ ڏسڻ جي ٻولي ماهر ڪا حتمي راءِ جوڙي نه سگھيا آھن ته اتي وري واشنگٽن يونيورسٽي جي ماهرن سائنسي نقطي نگاھ کان مصنوعي ذھانت جي مدد سان سنڌو لکت جي لڪل جوڙڪ کي پڙھڻ/ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. دنيا جي هر ٻولي وٽ ترتيبوار جوڙجڪ هوندي آھي، گرامر هوندو آھي جنهن جي مدد سان اسان ڪميونيڪيشن ڪري سگھندا آھيون. مصنوعي ذھانت جا مئٿڊس اهڙن پئٽرنس ۽ جوڙجڪ کي سمجھڻ لاءِ ڪارائتا ثابت ٿي رهيا آھن، تنهن ڪري مصنوعي ذھانت جي طريقن سان انسان ذات جي ڳالھه ٻولھه سمجھڻ کي (Natural Language Processing) چيو ويندو آھي.

مارڪف ماڊل   (Markov Model)

لنگئسٽڪ سسٽم (Linguistic System) ۾ لفظ يا نشانيون هڪٻئي کي فالو ڪندا آھن. مارڪف ماڊل ۾ نشانين جي مجموعي کان پوءِ ايندڙ ٻين نشانين جي پراببلٽي ڳولي ويندي آھي. واشنگٽن يونيورسٽي جي ماهرن ڇا ڪيو جو هنن پروگرام ۾ چار ڳالهايون ويندڙ ٻوليون فيڊ ڪيون، ترتيبوار : سميري، سنسڪرت، آڳاٽي تامل ۽ جديد انگلش. ان کانپوءِ چار نه ڳالهايون ويندڙ ڪميونيڪيشن جا سيمپل فيڊ ڪيا : انساني ڊي اين اي (Human DNA)، فورٽران (Fortran)، بئڪٽيريل پروٽين (Bacterial Protein Sequences) ۽ مصنوعي ٻولي (Artificial Language). هاڻ هنن هر ٻولي جي ترتيب (Order) کي ڪئلڪيوليٽ ڪيو ته جيڪي نه ڳالهايون ويندڙ ٻوليون هيون اهي يا ته سڀ ترتيب ۾ اچيو پئي ويون يا مورڳو بي ترتيبي ۾ هليون پئي ويون ۽ جيڪي ڳالهايون ويندڙ ٻوليون هيون اهي وچٿرو پئي رهيون. هاڻ جڏھن هنن سنڌو لکت جا ٽڪرا/نشانيون پروگرامڊ ڪيا ته اهي سڀ نشانيون بلڪل ترتيب ۾ اچيو ٿي ويون، جيئن ٻيون ڳالهايون ويندڙ ٻوليون ترتيب ۾ هونديون آھن. پر هو اڃان تائين ان ڳجھه تائين ناهن پهتا ته آيا هو هزارين سال پراڻي ماضي (سنڌو لکت) کي ڄاڻي سگھندا الائي نه..باقي هنن کي اميد ضرور پئدا ٿي آھي ته مارڪف ماڊل تحت، سنڌو لکت جي ترتيب ۾ آيل نشانين جي ڊيٽا کي گڏ ڪري ان مان گرامر جوڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا.

پاڻ اهو وقت تي ڇڏيون ٿا، ڇا واقعي ٻولي ماهر مصنوعي ذھانت جي مدد سان سنڌو لکت کي هڪ نه هڪ ڏينهن پڙھڻ/ڄاڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھندا…!؟

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے