15 جمعرات , نومبر 2018

سنڌي عورتن جي بهادري، سجاڳي، تعليم ۽ صلاحيت جا ڪجهه حوالا:سڪينه امام

سنڌ جي سڀاڳي سرزمين جنهن پنهنجي ڪُک مان ڪيترن ئي آدرشي، نيڪ ۽ صوفي انسانن کي جنم ڏنو آهي. ان ۾ نه صرف مرد پر عورتون به آهن. جن پنهنجي بهادري ۽ ڪردار سان هڪ تاريخ لکي آهي. جنهن جو ويجهڙو مثال سنڌ ۾ کنڀي گم ڪيلن جي واپسي لاءِ انهن جي ڌيئرن تنويرآريجو ۽ سسئي لوهار جي جدوجهد آهي. جيڪا ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ڪيترن شهرن  ۾  هلي. تنهن جدوجهد به هڪ تاريخ لکي آهي جنهن کي سنڌ جي انقلاب جو پهريون قدم پڻ چيو پيو وڃي.

اهو تسلسل شاهه سائين جي ستن سورمين جي بهادري ۽ محبوب سان ملڻ جي سڪ جو آهي. ان سڪ جا به مختلف انداز آهن. ڪٿي مومل رٺل راڻي کي پرچائڻ ۽ ٻيهر ملڻ جي سڪ، ڪٿي سهڻي کي رات جي اونداهه ۾ گهڙو کڻي درياهه پار ڪري ميهار سان ملڻ جي سڪ، ڪٿي سسئي کي پنڌ ڪري پهاڙ اورانگهيندي پنهون سان ملڻ جي سڪ، ڪٿي وري ليلا کي چنيسر کي هار تي هارائڻ بعد واپسي جي سڪ، ڪٿي مارئي کي عمر جي محلاتن ۾ پنهنجي وطن ۾ سنگهارن جي سڪ، ڪٿي سر سورٺ راءِ ڏياچ ۾ راءِ ڏياچ کي سُرَ جي سڪ جنهن لاءِ هن ٻيجل کي پنهنجو سر گهوري ڏنو، ڪٿي وري ڄام تماچي کي نوري جي نياز ، نوڙت، سادگي ۽ سونهن جي سڪ پر هن جديد دور جي سورمين جا محبوب انهن جا والد آهن.  جن جي آزادي لاءِ هنن پاڻ تي ڀاڙيو ته اسان هڪ ڏينهن پنهنجي پيئرن سان ضرور ملنديون سين ۽ اهو يقين ته هو ضرور موٽندا.

مان ڪراچيءَ ۾ پڙهي ۽ وڏي ٿي آهيان پر هڪ خاص طبقي جي واتان هڪ جملو هميشه منهنجي ڪنن سان ٽڪرايو آهي ته ”سنڌي جاهل هوتي هين“ هن ليک جو مقصد اهو آهي ته سنڌي مرد ته ڇا پر سنڌي عورتون به پنهنجي تعليم ۽ صلاحيت وسيلي ڪهڙي مقام تي پهتيون ۽ دنيا هنن کي ڪيئن پئي سڃاتي.

انهن ۾ ڪجهه نالا هن ريت آهن.

1.ڊاڪٽر ساره صديقي:

ڊاڪٽر ساره صديقي پاڪستان جي پهرين ليڊي ڊاڪٽر تمام وڏي گائناڪالوجسٽ هئي. سندن تعلق شڪارپور سان هو.سگا  جي ٺهڻ وقت به انهن ان گڏ رهي  گڏيل قومن واري اداري جي ميمبر به هئي ۽ ڪيترا وفد يو اين او وٺي وئي.

2.بيگم اشرف عباسي:

بيگم اشرف عباسي جو تعلق لاڙڪاڻي سان هو. پاڻ ڊاڪٽر هيون. ڪيترا ڀيرا ايم اين اي رهيون. 1988ع بينظير حڪومت ۾ ڊپٽي اسپيڪر رهيون.

3.بينظير ڀٽو.

بينـظير ڀٽو جيڪا نه صرف پاڪستان پر ايشيا جي پهرين مسلم عورت وزيراعظم ٺهي ۽ تمام ننڍي عمر ۾ هن وزيراعظم جو عهدو ماڻيو، هن آڪسفورڊ ۽ هارورڊ يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي. آڪسفورڊ يونيورسٽي  ۾ شاگرد يونين جون چونڊون به کٽيون. ٻه دفعا وزيراعظم جي عهدي تي فائز ٿي ۽ ان کان علاوه هوءَ معاشيات جي ماهر هُئي. سڄي دنيا ۾ معاشيات تي ليڪچر ڏيندي هئي.

  1. مئڊم مهتاب اڪبر راشدي:

مئڊم مهتاب اڪبر راشدي اڳوڻي سيڪريٽري اطلاعات ۽ تعليم. سندن تعلق به لاڙڪاڻي سان آهي.  هن ڪمپيئرنگ ۾ تمام گهڻو نالو ڪمايو پاڻ ليکڪا ۽  ڪالم نگار پڻ آهن سنڌالاجي ۾ به رهيون ۽ ٻين به ادارن ۾ وڏين پوسٽن تي رهيون گذريل سنڌ اسيمبلي ۾ ايم پي اي به رهيون آهن. انور پيرزادو اڪيڊمي پاران سنڌ ۾ روڊن رستن ۽ شاهراهن جا بورڊ سنڌي ۾ لکرائڻ لاءِ ڪوششن ۾  پڻ اڳتي اڳتي رهيون.

  1. سلطانا صديقي:

محترمه سلطانا صديقي جو تعلق سيوهڻ سان آهي. پاڻ سڄي عمر شوبز سان وابسته رهيون. پي ٽي وي تي ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر طور ڪم ڪيائون. ڪيترائي ڪامياب ڊراما پيش ڪيائون. هينئر به هوءَ هڪ ٻه چينل هم  ٽي وي ۽ هم نيوز  جي نالي سان ڪاميابي سان هلائي رهيون آهن.

6.شمشاد اختر:

محترمه شمشاد اختر،گذريل نگران حڪومت ۾ وفاقي وزير رهي. هن اسٽيٽ بئنڪ جي 14 هين گورنر جي حيثيت سان ڪم ڪيو آهي. پهرين عورت گورنر اسٽيٽ بئنڪ  پاڪستان جي اُها به سنڌياڻي عورت آهي. هن يو اين او ۾ بان ڪي مون جي سينيئر ايڊوائز جنرل سيڪريٽري طور به ڪم ڪيو. ورلڊ بئنڪ ۾ نائب صدر  جي حيثيت سان به ڪم ڪيو.سندن تعلق ڪنڊياري سان آهي.

7.فهميده مرزا:

محترمه فهميده مرزا جن ڊاڪٽر آهن. سندن تعلق ٽنڊو ڄام سان آهي. پاڻ ڪيترائي ڀيرا ايم اين اي رهيون آهن ۽ قومي اسيمبلي جون اسپيڪر به رهيون آهن.

  1. مائي بختاور:

مائي بختاور تاريخ جي هڪ بهادر عورت هئي. جنهن جي ديري تي ڌارين قبضو ڪرڻ پئي چاهيو پر هن پنهنجو سر ڏنو پر پنهنجي ديري تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو.

  1. روپلي ڪولهي جي گهر واري:

روپلي ڪولهي جڏهن انگريزن خلاف بغاوت ڪئي ان جي هٿن جي ترين تي ڏيئي وانگي گاسليٽ وجهي وٽ وجهي ٻاري ڇڏيون پر روپلي نه هٿ لوڏيو  نه ئي دانهن نه ڪئي.  آخر ۾ انگريز روپلي جي گهر واريءَ کي وٺي آيا ۽ قيدي مڙس آڏو بيهاري سندس زال کي چيائون ته روپلي کي سمجهاءِ ته اسان سان سچي ڪري ٻي صورت ۾ اسان هن کي ختم ڪري ڇڏينداسون. موٽ ۾ روپلي جي زال پنهنجي مڙس کي چيو ته ”اي روپلا! مري هُنئين ويندين پر مڙس ماڻهو ٿي مرندين ته ماڻهو توکي هميشه ياد ڪندا.“

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے