21 بدھ , نومبر 2018

پي ٽي آءِ اڳواڻ مولابخش سومري سان ڳالهه ٻولهه عمران کان متاثر ٿي سياست ۾ آيم، ڪرپشن کان پاڪ سياست رڳو پي ٽي آءِ ۾ ڪري سگهجي ٿي::انٽرويو.. سارنگ منير سومرو

جيڪب آباد ضلعي جي سياست ۾ تيزيءَ سان اڀرندڙ شخصيت، وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي، قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر الاهي بخش سومري جي پوٽي، پي ٽي آءِ جيڪب ضلعي جي ضلعي صدر مولابخش سومري عوامي آواز سنڊي مئگزين کي خصوصي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته منهنجو تعلق پاڪستان جي مشهور ۽ ايماندار سياسي سومرا گهراڻي سان آهي مان الاهي بخش سومري جو پوٽو ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين، ايم اين اي محمد ميان سومرو جو ڀاڻيجو آهيان مون پنهنجي شروعاتي تعليم لاهور جي ايڇ ايس اين ڪاليج مان ورتي جنهن کانپوءِ مئٽرڪ آمريڪن هاءِ اسڪول لاهور مان ڪئي جڏهن ته گريجوئيشن يونورسٽي آف بالٽڻ دبئي ڪئمپس مان ڪئي. هاڻي يونورسٽي آف لنڊن جي ڪراچي ڪيمپس مان ايل ايل بي ڪيان ٿو، مون ڪجهه وقت پرائيوٽ سيڪٽر ۾ نوڪري به ڪئي پر عمران خان کي پسند ڪرڻ ۽ انهي سان ملاقات کانپوءَ هڪدم سياست ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ هاڻي مان فل ٽائيم سياست ڪيان پيو.

مولا بخش سومري ٻڌايو ته منهنجي پهرين ملاقات پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ڪراچيءَ ۾ ٿي جنهن کي مون جڏهن تعارف ڪرايو ته هن مونکي چيو ته اوهان جهڙا خانداني ۽ بي باڪ ماڻهون مونکي پي ٽي آءِ ۾ گهرجن ٿا سو  اوهان بني گالا منهنجي دعوت کائي وڃو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون عمران خان سان بني گالا ۾ وڃي ٻي ملاقات ڪئي جتي مون باقاعده پي ٽي آءِ جوائن ڪئي ۽ سياست ڪرڻ جو اعلان ڪيو مونکي سياست ۾ عمران خان جي شخصيت ۽ انهن جي ڳالهين آندو.

مولابخش سومري چيو ته ڏاڏا سائين الاهي بخش سومرو ۽ گهر وارا سڀ چوندا هئا ته اوهان سياست ڪيو پر مونکي سياست جو ڪو به شوق نه هو. عمران خان جي سياست ۽ شخصيت ڏسي مونکي سياست جو شوق ٿيو ۽ مون سياست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. منهنجو ڏاڏو الاهي بخش سومرو مونکي چوندو هو ته سياست هاڻي گندي ٿي چڪي آهي پر پوءِ به پاڻ کي سياست ڪرڻي آهي ڇو جو جيڪڏهن سياست ۾ اچڻ لاءِ سڀ شريف ماڻهون هٿ کڻي ويندا ته سياست آخر بهتر ڪئين ٿيندي. هن چيو ته سياست کي خراب به سياستدانن ڪيو آهي ته سياست کي بهتر ۽ صاف به سياستدان ئي ڪندا،  سياست کي خراب ۽ ڪرپٽ ڪرڻ ۾ به خانداني ماڻهن جو وڏو هٿ آهي جيڪي چور دروازي کان سياست ۾ اچي رات جي اونداهين ۾ ارب پتي ٿيڻ چاهين ٿا.

پي ٽي آءِ اڳواڻ مولابخش سومري سومرا خاندان جي سياست جي سوال جي جواب ۾ چيو ته مونکي فخر آهي ته مان جنهن خاندان سان واسطو رکان ٿو تنهن جي هڪ صدي سياسي جي تاريخ آهي پر انهيءَ هڪ صدي جي سياسي تاريخ ۾ سومرن تي ڪرپشن ته ڇا انهن مٿان ڪڏهن ڪرپشن جو الزام به نه لڳو آهي. مونکي اهڙي سياست تي فخر آهي هن وڌيڪ چيو ته سومرا خاندان جا ڪجهه ماڻهون ڀليل آهن جيڪي ٻين پارٽين ۾ آهن جن کي عهدا ملڻ ته پري جي ڳالهه آهي انهن کي صرف استعمال ڪيو وڃي ٿو هن چيو ته سومرا خاندان جا ماڻهون صرف پي ٽي آءِ ۾ ئي رهي سگهن ٿا ڇو جو ڪرپشن کان پاڪ سياست صرف پي ٽي آءِ ۾ ئي آهي ۽ سومرن جي مزاج جي سياست صرف پي ٽي آءِ ۾ ئي آهي،  هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جون سڀ پارٽيون صرف پنهنجي ذات ۽ پنهنجي لاءِ ڪم ڪن ٿيون پر ملڪ جي اها واحد پارٽي پي ٽي آءِ ئي آهي جيڪا صرف ۽ صرف عوام ۽ ملڪ جي لاءِ سياست ڪري ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته انهي ڳالهه ۾ ڪوئي به شڪ نه آهي ته عمران خان پنج سال پورا ڪندو عمران خان  نه صر ف پنج سال پورا ڪندو پر هو پنهجي حڪومت جا ڪامياب پنج سال پورا ڪندو،  مضبوط اپوزيشن ۽ ڪمزور حڪومت واري سوال جي جواب ۾ مولابخش سومرو چيو ته هيءَ پي ٽي آءِ جي واحد حڪومت آهي جيڪا مضبوط آهي. عمران خان پاڻ مضبوط اپوزيشن تي يقين رکي ٿو ڇو جو مضبوط اپوزيشن ۾ ئي ڪميون ڪوتاهيون ختم ڪري سگهجن ٿيون هن چيو ته بهترين جمهوريت اها آهي جيڪا اپوزيشن جي ڳالهه مان سکي پاڻ ۾ سڌارا آڻي عمران خان اهڙي جمهووريت تي يقين رکي ٿو.

مولابخش سومرو وڌيڪ چيو ته عمران خان جيڪي به وعدا ڪيا آهن اهي سئو سيڪڙو پورا ڪندو ڇو جو عمران خان کي اها خبر آهي ته هن کي ووٽ صرف انهيءَ بنياد تي مليو آهي ته هو ملڪ ۾ خوشحالي آڻي ڪرپشن جو خاتمو آڻيندو عمران خان ڪرپشن خلاف ڳالهائڻ ۽ ان تي ڪم ڪرڻ کي پنهنجو جهاد سمجهندو آهي ۽ هو يقينن پنهجي جهاد ۾ ڪامياب ويندو.

مولابخش سومرو وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايندڙ اليڪشن ۾ عمران خان مونکي ڪراچي يا جيڪب آباد مان بيهڻ جو موقعو ڏنو ته مان اليڪشن ۾ ضرور بيهندس ڇو جو اهي فيصلا پارٽيءَ جا هوندا آهن. اليڪشن 2018 ۾ عمران خان، محمد ميان سومري واري ٽڪيٽ مونکي ڏيڻ پئي چاهي پر مون محمد ميان سومرو گهر ۽ خاندان جو وڏو هجڻ جي ناتي اها ٽڪيٽ محمد ميان سومرو کي ڏياري اليڪشن 2018 جو جڏهن رزلٽ آيو هو ته عمران خان سڀ کان وڌيڪ مونکي شاباش ڏني هئي ته ضلعي صدر طور اوهان جي محنت ۽ ڪارڪردگي سڀ کان بهتر رهي آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ مولابخش سومري ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن 2018 فوج جي مدد سان صاف شفاف چونڊ ثابت ٿي آهي سنڌ کي پيپلز پارٽيءَ جي ڪرپشن ٻوڙيو آهي سنڌ ۾ هزارين ارب رپيا خرچ ٿيڻ کانپوءِ به سنڌ جو ڪو به روڊ بهتر نه آهي سنڌ ۾ نه تعليم نه صحت جو سهولتون اها پيپلز پارٽيءَ جي ڏهن سالن جي ڪارڪردگي آهي هن چيو ته هن ڀيري پيپلز پارٽيءَ کي ڪرپشن جي کلي ڇوٽ نه هوندي عمران خان هنن کان پائي پائي جو حساب وٺندو عمران خان کي سنڌ جي چپي چپي جي خبر آهي هو پورو ڌيان سنڌ تي ڏيندو. سنڌ جي ترقيءَ مان ڪا به ڪمي نه ڇڏبي جيڪڏهن سنڌ سرڪار سنڌ جي ترقيءَ جي ڳالهه ڪندي ته اسان جو ساٿ انهن سان هوندو جيڪڏهن هو سياست کي صرف ڪرپشن ۽ ڪمائي جو رستو سمجهندا ته اسان جي احتساب جا هٿ هنن ۾ هوندا.

مولابخش سومري وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جو جي ڊي اي سان اتحاد پي ٽي آءِ جي غلطي هئي جيڪا غلطي عمران خان پاڻ تسليم ڪئي آهي.

هن چيو ته جيڪب آباد وان لاءِ اها خوشنصيبي آهي جو هنن پي ٽي آءِ جي محمد ميان کي چونڊي اتان جي چور ۽ ڪرپٽ سياستدانن کي ميسيج ڏنو ته عوام اوهان جي ڪوڙ ۽ ڪرپشن مان بيزار ٿي چڪو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پوري سنڌ جيان جيڪب آباد جو به ساڳيو ئي حال آهي جيڪب آباد جي ترقي به رڳو رڪارڊ ۾ ٿي آهي جيڪب آباد کي کنڊر بڻايو ويو پر هو ياد رکن ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ هنن کان ڪرپشن جي ٽڪي ٽڪي جو حساب ورتو ويندو مولابخش سومرو پنهجي وڏن جي ملڪيت جي حوالي سان ٻڌائيندي چيو ته اسان جو پورو گهر ۽ خاندان پنجاه سالن کان سياست ڪن پيا پر ڏاڏا جي زمين ايتري آهي جنهن مان صرف مهيني جي گهر جو خرچ نڪرندو آهي هن چيو ته وڏن کي اها ئي ملڪيت آهي جيڪا انهن جا وڏا ڇڏي ويا. ايمانداري سبب بابا ڏاڏا هڪ گاڏيءَ ۾ گهمندا هئا پوري خاندان ڪڏهن به پروٽوڪول نه ورتو. مونکي فخر آهي ته مان ان خاندان جو حصو آهيان جنهن وٽ حلال جا چند سڪا ۽ ڪرپشن جا ڪروڙ نه آهن.

مولابخش سومرو وڌيڪ چيو ته جيڪب آباد کي اهو ڪري ڏيکارينداسين جو پوري ڪرپٽ مافيا حيران ٿي ويندي. جيڪب آباد جا نوجوان اسان جو سرمايو آهن، انهن جي همت ۽ مدد لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪبي، سياست ڪرڻ کانپوءِ وڏن جو سخت دٻاءُ هوندو آهي ته ڪرپشن ڪڏهن به ناهي ڪرڻي اسانجي وڏن محنتن سان نالو ٺاهيو آهي انهي نالي تي داغ ڪڏهن به لڳڻ نه ڏبو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے