18 اتوار , نومبر 2018

چترڪار هرجي لال واگهيلا ۽ سندس مصوري :عتيق ملاح

چترڪاري(مصوري) فنون لطيفه جو هڪ اهم قسم آهي، جيڪو قديم دور کان هلندو پيو اچي، هي انسان جي اهڙي ايجاد آهي جيڪا هر ٻولي ڳالهائيندڙ جي ذهن ۾ ڪو نه ڪو خاڪو ڇڏي وڃي ٿي، چترڪاري کي چٽن يا تصويرن کي هٿ سان ٺاهڻ جو فن ته چيو وڃي ٿو، پر هي ته فن تعمير جو پڻ اهم جز رهيو آهي، اوائلي دور کان وٺي سنڌ ۾ فن تعمير سان گڏ آرٽ، چترڪاري جا آثار پڻ ملندا رهيا آهن، دنيا اندر نقش نگاري جا آثار 32 هزار سال پراڻا ته هٿ آيا آهن، پر آثار قديمه جي ماهرن جو چوڻ آهي ته شايد هي فن ان کان به پراڻو هجي. سنڌ جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته آرٽ جون نشانيون ته موهن جي دڙي مان ملن ٿيون، ان ڪري آرٽ کي سنڌ جي تهذيب جي هڪ سڃاڻپ به چئي سگهجي ٿو، موهن جي دڙي مان هٿ آيل دلن، مٽن، ڪوزن ۽ ٻين ٿانون تي جانورن جون تصويرون، گلڪاريون، وڻن جا پن ۽ ٽاريون نڪتل نظر آيون آهن، جڏهن ته مهرن تي پڻ اهڙو ئي ڪم ٿيل نظر اچي ٿو.

آرٽ هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو سماج جي رهنمائي به ڪري ٿو، آرٽسٽ جي لاءِ چيو ويندو آهي ته آرٽسٽ حساس طبعيت جو مالڪ هوندو آهي، هن کي فطرت جي رنگن ۽ سماجي حالتن تي اهڙي نظر هوندي آهي جيڪا ڪو ماڻهو نظر نٿو رکي سگهي، هو حالتن کي ڏسندي پنهنجي ذهن ۾ هڪ خاڪو تيار ڪري وٺندو آهي ۽ وري پنهنجي فن ذريعي ان جو اظهار ڪري ٿو. ٿر جي فطرت هجي يا سنڌ جي جابلو علائقن جا منظر هجن، سنڌ جي ثقافت، تهذيب، سنڌ جي ڳوٺن جي زندگي هجي يا وري شهرن جي صورتحال چترڪار(مصور) پنهنجي آرٽ وسيلي ان نروار ڪري ٿو، عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته چترڪار هڪ انسان يا سندس دل کي وڻندڙ جي خوبصورتي کي ڏسندي هن جو نقشو دل ۾ رکي پنهنجي فن جي ذريعي ان کي تصويري شڪل ڏئي ڇڏي ٿو، پوءِ اهو کڻي محبوب هجي يا ٻي ڪا شخصيت، پر هو پنهنجي فن جو مظاهرو هر روپ ۾ ڪري ٿو.

سنڌ جي چترڪاري(مصوري) وارو آرٽ به وڏي اهميت رکندڙ آهي، سنڌ جا آرٽسٽ به دنيا جي ٻين آرٽسٽن کان گهٽ ناهن رهيا، سندن ڪم کي انٽرنيشنل سطح جو ڪم چئي سگهجي ٿو، پر هتي فن(آرٽ) ۽ آرٽسٽ جو قدر گهٽ ڏٺو ويو آهي ان ڪري سٺا آرٽسٽ ائين ئي وسرن وڃن ٿا، پر سندن ڪم تاريخ جو حصو ضرور بڻجي ٿو. سنڌ جا تعليمي ادارا جيئن ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ پوئتي پيل آهن تيئن پينٽگ، ڊرائنگ ۽ آرٽ واري پاسي تي پڻ پوئتي نظر اچن ٿا، اسڪولن اندر صحتمند سرگرميون نه هجڻ برابر آهي، اسڪول ۽ ڪاليج جيئن سٺي سائنس ليب کان محروم آهن تيئن ئي عالمي ٻولي جهڙي حيثيت رکندڙ فن چتڪاري واري سکيا جي سهولتن کان به محروم آهن، ڊرائنگ استاد ڊرائنگ استاد جي حيثيت ۾ ڀرتي ته ٿين ٿا، پر اهي ڊرائنگ جي سکيا يا تعليم نٿا ڏين، تنهن ڪري اهي شاگرد جن جو هن فن سان لڳاءُ آهي اهي اڳتي نٿا اچي سگهن.

ان  حوالي سان حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ قائم گورنمينٽ نارمل ڊرائنگ ٽيچرس ٽريننگ سينٽر ۾ آرٽ انسٽريڪٽر( آرٽ استاد) طور ذميواريون نڀائيندڙ هرجي لال واگهيلا جو چوڻ آهي ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هن وقت آرٽ جي وڏي اهميت آهي، پر ان طرف حڪومتي سطح تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، آرٽ ذريعي ئي سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب کي دنيا آڏو پيش ڪري سگهجي ٿو، چترڪاري ئي واحد طريقو آهي جنهن سان سنڌ جو تعارف دنيا آڏو سٺي انداز ۾ ڪرائي سگهجي ٿو، آرٽ جي حوالي سان ادارا قائم ٿيڻ گهرجي، شاگردن جي لاءِ آرٽ جي دنيا ۾ موقعا مُهيا ڪرڻ لاءِ اسڪولن جي سطح کان ڪم ٿيڻ گهرجي. هرجي لال واگهيلا جي والد جو نالو وسرام واگهيلا آهي، هرجي لال 1965ع ڌاري ميرپور بٺوري ۾ جنم ورتو، هن پرائمري تعليم جنگ شاهي، مئٽرڪ ميرپور بٺورو ۽ انٽر سجاول ڪاليج مان ڪئي، هن 88ع ۾ آرٽ ٽيچر جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته آرٽ ماسٽرس ۾ پڻ سڄي سنڌ مان پهرين پوزيشن ماڻي، هن سنڌ يونيورسٽي جي فائن آرٽ جي شعبي ۾ 1986ع ۾ داخلا ورتي ۽ ڪجهه عرصو اتي تعليم حاصل ڪئي، پر سرڪاري نوڪري هجڻ ڪري هو اتي تعليم کي اڳتي وڌائي نه سگهيو، هن جي استادن ۾ سنڌ جا مشهور آرٽسٽ(چترڪار) عبدالفتاح هاليپوٽو، عبدالشڪور سومرو، اي آر ناگوري، محمد علي ڀٽي ۽ ٻيا رهيا آهن. هرجي لال کي 1987ع ۾ ڊرائنگ ٽيچر طور گورنمينٽ مڊل اسڪول ميرپور بٺورو ۾ نوڪري ملي، جنهن کانپوءِ کيس وري گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج ايجوڪيشن فار مين ميرپور بٺورو ۾ پنهنجيون ذميواريون نڀائڻ جو موقعو مليو، هن اتي 87ع کان 2000ع تائين پڙهايو، جنهن کانپوءِ هن جي بدلي حيدرآباد ۾ ٿي وئي، جتي هو اڄ ڏينهن تائين آرٽ ٽيچر طور مقرر آهي، گورنمينٽ نارمل ڊرائنگ ٽيچرس ٽريننگ سينٽر تلڪ چاڙهي حيدرآباد ۾ هو ڊرائنگ ٽيچرن کي پڙهائيندو آهي، جتي آرٽ ماسٽرس ۽ آرٽ ٽيچر جون ٽريننگون پڻ ٿين ٿيون.

هرجي لال واگهيلا آرٽ جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، هن جي آرٽ جو موضوع گهڻو ڪري ٿر رهيو آهي، هن ٿر جي بک، بدحالي ۽ عورتن جي پريشانين کان هٽي ڪري ٿر جي عورتن جي خوابن ۽ ٿر جي حسناڪين تي ڪم ڪيو آهي، هن ٿر کي پيار، محبت ۽ اميدن جي نظر سان ڏٺو آهي، هن جو چوڻ آهي ته ٿر جي عورت کي سدائين پاڻي ڀريندي ڏيکاريو ويو آهي، سندن مٿي تي رکيل مٽن جي اڃ کي ڏيکاريو ويو آهي، اهي مٽ پاڻيءَ سان ته خالي هوندا آهن، پر پيار ۽ محبت سان به خالي نظر ايندا آهن، پر سندس خيال آهي ته اهو ڪيڏو نه خوبصورت منظر هوندو جڏهن پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ ويندڙ سهيلين جي هڪٻئي سان محبت اتي نظر اچي جڏهن هو کوهه يا پاڻيءَ جي ڪنهن قدرتي کڏ تي ويهي مٽ پاسي کان رکي هٿ هٿ ۾ ڏيئي هڪٻئي جي دل جا حال ٻڌائين ٿيون ۽ سور پچار ڪن ٿيون، هن جو چوڻ آهي ته هن ٿري عورتن جي اندر جي پيڙا کي ڏيکاريو آهي ۽ مجسما سازي ڪئي آهي. هن چيو ته هڪ چترڪار جي نگاهه وسيع هوندي آهي، پينٽر ڪاروڪاري سميت هر ظلم کي ڏسي ان خلاف پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ٿو. هن چيو ته پينٽنگ، تصوير ۽ فن پارو پنهنجي الڳ ٻولي رکن ٿا، هي ٻولي انٽرنيشنل ٻولي آهي، هن فن ۾ ڳالهه سمجهائي وڃڻ ۾ ڪا به مشڪلات نٿي ٿئي، پينٽر پنهنجي آسپاس جي شين، سماجي مسئلن، ظلم، ڏاڍ، خوبصورتي، خوشين، پيار ۽ محبت وارن منظرن کي ڏسي پنهنجي فن ذريعي انهن کي محفوظ ڪري ٿو ۽ انهن کي تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏي ٿو، هي ڪم تاريخ کي تصويري شڪل ۾ محفوظ ڪرڻ وارو ڪم آهي. هن چيو ته مون سنڌ ۾ عورت جي غلامي واري صورتحال تي پڻ پينٽنگس ٺاهيون آهن، پر بنيادي طور تي آئون چاهيان ٿو ته سنڌي ڪلچر کي فروغ ڏجي، سنڌي ڪلچر دنيا آڏو پيش ڪجي. هن چيو ته سنڌي ثقافت ۽ تهذيب کي آرٽ جي شڪل ۾ آڻي دنيا کي ڏيکارڻ جي ضرورت آهي، جيستائين اسان اهو ڪم نه ڪنداسين تيستائين دنيا اسان جي ثقافتي ورثي کان واقف نه ٿي سگهندي، ڇو ته دنيا جي ٻين قومن کي پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب ڏيکارڻ ۽ سمجهائڻ جو واحد رستو آرٽ آهي.

هن آرٽ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن تي به ڪم ڪيو آهي، هن 200 کان وڌيڪ ڪتابن جا ٽائٽل پڻ ٺاهيا آهن، هن ڪيلي گرافي جو ڪم ڪيو آهي، ٻارڙن جي ڪتابن جا ٽائٽل ۽ ڪتابن ۾ ٿيندڙ آرٽ وارو ڪم پڻ ڪيو آهي، پين ورڪ، واچ ڪلر ۽ مجسما سازي پڻ ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته هن سنڌ جي ڏاهي مرحوم محمد ابراهيم جويو کي سندس 95 هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ پورٽريٽ ٺاهي تحفي طور پيش ڪيو هو، جيڪو محمد ابراهيم جويو کي تمام گهڻو پسند آيو. هن چيو ته هن پنهنجي ڳوٺ سميت سنڌ جي مختلف علائقن جا لينڊ اسڪيپ ٺاهيا آهن. هن چيو ته 18 سال آرٽ جي استاد جي حيثيت ۾ هن ڪيترائي شاگرد تيار ڪيا آهن جيڪي اڄ ڪٿي نه ڪٿي آرٽ جي دنيا ۾ پنهنجيون ذميواريون نڀائي رهيا آهن، ڪيترن ئي شاگردن اين سي اي لاهور ۾ داخلا وڃي ورتي ته ڪيترائي مهراڻ يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيٽ ٿيا آهن، اهڙي طرح سان ڪيترائي آرٽسٽ تيار ڪري چڪو آهيان.

هرجي لال واگهيلا جو چوڻ آهي ته اڳ ۾ آرٽ جو ايڏو وڏو اسڪوپ يا لاڙو نه هو، پر موجوده دور ۾ آرٽ وڏي اهميت اختيار ڪري ويو آهي، ڇو ته آرٽ ئي فقط انٽرنيشنل ٻولي آهي. هن وقت سڄي پاڪستان جيان سنڌ ۾ به آرٽ جا ڪيترائي ادارا قائم ٿي چڪا آهن، ان کانسواءِ آرٽ جون ڪيتريون ئي گئلريون قائم آهن، ڪراچي ۾ 80 کان وڌيڪ آرٽ جون گئلريون قائم آهن، جڏهن ته حيدرآباد ۾ پڻ 2 وڏيون گئلريون هڪ سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۽ ٻي آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ قائم آهي، پر بدقسمتي سان حيدرآباد ۾ پينٽنگس خريد ڪرڻ وارو رجحان گهٽ نظر اچي ٿو. هن چيو ته اڳ ۾ آرٽ معاشي بدحالي جي ڪري پريشان نظر ايندو هو، پر هاڻ اهو ڏٺو وڃي ٿو ته سٺي آرٽسٽ جي سندس ڪم جي ڪري زندگي ڪجهه بهتر گذري ٿي. هن چيو ته عبدالفتاح هاليپوٽو، عبدالشڪور سومرو، اڪبر سومرو، محمد علي ڀٽي، علي عباس، رفيق سومرو، هارون چنو، حسين چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌ جا آرٽسٽ وڏي پائي جا آرٽسٽ آهن.

هن چيو ته آرٽسٽ معاشري کي خوبصورت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، شاعر، اديب، ليکڪ، اداڪار ۽ فنڪار به ته آرٽسٽ آهن، جيڪي معاشري جي غربت، ڏکن ۽ دردن کي ڏيکارڻ سان گڏ پيار، محبت، امن جي پرچار ڪرڻ سميت معاشري جي اصلاح وارو ڪم ڪن ٿا.

هن جو چوڻ آهي ته هن وقت شاگردن ۾ آرٽ جي حوالي سان تمام گهڻو لڳاءُ نظر اچي ٿو، سنڌ يونيورسٽي جي فائين آرٽ شعبي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ اين سي اي سميت مختلف ادارن ۾ سنڌ جا شاگرد وڏي انگ ۾ شاگرد آرٽ پڙهي رهيا آهن. سندس چوڻ آهي ته اسان وٽ بين الااقوامي سطح جو آرٽ وارو ڪم ٿي رهيو آهي، انٽرنيشنل ليول جا سٺا آرٽسٽ ۽ پينٽر اسان وٽ موجود آهن، فائين آرٽ، فنون لطيفه تمام وسيع سبجيڪٽ آهي.

هرجي لال پنهنجي خاندان جي جنگشاهي ۾ آباد ٿيڻ واري ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو ته 47ع ۾ جڏهن ورهاڱي جي وقت جڏهن هتان سنڌي هندو لڏپلاڻ ڪري انڊيا وڃي رهيا هئا ته اسان جو خاندان به سنڌ مان لڏي وڃڻ جي لاءِ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي پهتو هو، ريلوي اسٽيشن تي ڪانگريس جي هڪ ليڊر سان سندن وڏڙن جو جهيڙو ٿي پيو هو، ڪانگريس جي ليڊر سامان گڏ نه کڻي هلڻ تي زور ڀريو هو، جنهن تان جهيڙو ٿيو ۽ سندن خاندان انڊيا نه ويو، پوءِ سندن وڏڙا سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رهندا اچي جنگشاهي پهتا. هن چيو ته هو پنهنجي پرائمري تعليم کان وٺي ئي آرٽ جي طرف اچي ويو، جتي هو سندس استاد محمد هاشم بروهي جي ڪم کان متاثر ٿيو، محمد هاشم بروهي به تمام وڏو پينٽر هو، هن ان کان ئي ڊرائنگ جي تعليم ورتي. هن چيو ته گل محمد کتري جا اسڪيچ ڏسي ڊرائنگ جو وڌيڪ شوق پيدا ٿيو. هن چيو ته هن 1992ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي حوالي سان هلايل تحريڪن تي پينٽنگ ٺاهڻ جو مقابلو ٿيو هو، جنهن ۾ هن پڻ حصو ورتو ۽ ان مقابلي ۾ هن ٽين پوزيشن ماڻي هئي، شهيد بينظير ڀٽو کيس شيلڊ ڏني هئي. هن چيو ته مختلف وقتن تي کيس آرٽ جي فن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ايوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ملندا رهيا آهن. محترمه بينظير ڀٽو ايوارڊ، اين ڪاف شيخ ايوارڊ پڻ ماڻيو آهي. هن چيو ته پينٽنگس جا شو ته تمام گهڻا ڪيا آهن، پر سولو شو اڃا نه ڪيو آهي، گروپ شو تمام گهڻا ڪيا آهن، هن پنهنجيون پينٽگس سيل نه ڪيون آهن، اڪثر ڪري ڪنهن کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيندو آهي، باقي ٽريننگ سينٽر کي گهڻو وقت ڏيندو آهي ۽ هن پنهنجي سروس ۾ تمام گهٽ موڪلون ڪيون هونديون. هن چيو ته هن وٽ ڪو اسٽوڊيو ناهي، هو آرٽ جي شاگردن کي پنهنجي گهر تي مفت ۾ ٽيوشن پڻ ڏيندو آهي، هالانڪه آرٽ جي تعليم تمام گهڻي مهانگي ٿيندي آهي، هن چيو ته هن آرٽ مان ڪمايو ناهي، پر گهڻو ٽائيم پنهنجي سروس کي ڏنو آهي، پروفيشنل بنيادن تي تخليقي ڪم ڪيو آهي، آرٽ مان ڪمائڻ جو سوچيو ناهي ڇو ته پهرين هو هڪ استاد آهي ان ڪري سندس ذميواري ۾ سڀ کان پهرين هڪ استاد واري حيثيت اچي ٿي. هن چيو ته هو غريب طبقي سان تعلق رکندڙ آهي، هن جو ماضيءَ ۾ کاٻي ڌر جي سياست سان تعلق رهيو آهي، هڪ ڀيري پنهنجي علائقي جي شگر مل ۾ مقامي پورهيتن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج ڪرڻ تي کيس جيل به ڏسڻو پيو.

هن جو چوڻ آهي ته آرٽسٽ حساس ماڻهو هوندو آهي، هن کي سماج جا ڏک درد نظر اچن ٿا، سماج جي عڪاسي هڪ آرٽسٽ کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿو ڪري سگهي، ڇو ته آرٽسٽ اڪثر ڪري غريب طبقي سان تعلق رکندڙ هوندو آهي، ڪو جاگيردار يا سرمائيدار ته سماج جي عڪاسي نٿو ڪري سگهي، آرٽسٽ کي غربت تمام گهڻو ويجهي کان نظر اچي ٿي. هن چيو ته اها تمام ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ته وڏن سٺن آرٽسٽن کي اسان جي سماج ۾ اها مڃتا نٿي ملي، جنهن جا هو حقدار هوندا آهن، آرٽسٽن کي مڃتا نه ملڻ جا ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا. هن چيو ته سنڌ جو تمام وڏو آرٽسٽ علي اڪبر سومرو به هڪ آهي جنهن ڀٽائي جي بيتن جي السٽريشن يعني تصويرن ۾ شاعري جي عڪاسي ڪري ورسز آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان ڪتاب جوڙيو، هن ان ڪتاب تي تمام گهڻي محنت ڪئي، پر کيس اها مڃتا نه ملي سگهي، سندس ٻيو ڪم ته اڃا ئي گهڻو هو. هن جو خيال آهي ته آرٽ جو ڪم ڪندڙ شخص کي ٻين ماڻهن جي مدد جي ضرورت هوندي آهي، پر اسان وٽ اهو خطرناڪ رجحان آهي ته اڪثر آرٽسٽن جي ڪير مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي هوندو، حقيقت اها آهي ته سنڌ جي آرٽسٽ جو ڪم عالمي سطح جو آهي، پر انهن آرٽسٽن جي همت افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ اندر آرٽ کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي لاءِ نوان ادارا کلڻ گهرجن، آرٽ جو ڪم هن وقت مهانگو ضرور آهي، پر هي دنيا جو شاهڪار ڪم آهي، جنهن جي ڪا قيمت ناهي، سٺي پينٽگ هر ان انسان کي دل وٽان لڳندي جنهن جي اندر احساس هوندا آهن.

هرجي لال جو چوڻ آهي ته هتي پينٽگ مٽيريل گهٽ ملي ٿو، سمورو سامان ٻاهران اچي ٿو، سامان غير معياري پڻ هوندو آهي ۽ مهانگو به تمام گهڻو هوندو آهي، جيڪي شيون ٻين ملڪن جا آرٽسٽ استعمال ڪن ٿا اهي شيون هتي نٿيون ملن، مٽيريل جي سٺي هجڻ سان پينٽنگ ۾ وڌيڪ سونهن پيدا ٿئي ٿي، سٺا برش، سٺو ڪپڙو ۽ ٻيون شيون هتي ملڻ مشڪل آهن، ان ڪري هتي آرٽ وارو ڪم ڪرڻ ڏکيو به آهي.

هن سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڊرائنگ جو سبجيڪٽ نه پڙهائڻ واري ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ڊرائنگ جا ٽيچر اسڪولن ۾ مقرر ته ٿين ٿا، پر اهي ڊرائنگ نٿا پڙهائين ۽ سيکارين. پرائمري ۽ مڊل اسڪول جي ليول تي ڊرائنگ جي سبجيڪٽ تي شاگردن کي ائين ئي مارڪون ڏئي پاس ڪيو ويندو آهي، اسڪولن ۾ سائنس ليب ۽ ڊرائنگ هال موجود هجڻ گهرجي، ڊرائنگ جي لاءِ فنڊ مقرر ٿيڻ گهرجن، جتي ڊرائنگ جو سبجيڪٽ پڙهايو ئي نه ويندو اتي شاگرد ڊرائنگ ڇا سکي سگهندا. هن جو خيال آهي ته هن فن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ حڪمت عملي جي ضرورت آهي، شاگردن جي لاءِ اهڙو تعليمي ماڊل هجڻ گهرجي جنهن ۾ هو جنهن به شعبي طرف وڃڻ چاهين اتي وڃي سگهن ۽ کين ڪا پريشاني نه ٿئي.

هن نون چترڪارن کي صلاح ڏيندي چيو آهي ته نوجوان چترڪار پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب سان گڏ دنيا جي حالتن، سياسي منظر نامي ۽ سماجي قدرن تي نظر رکن، سٺي چترڪار کي پنهنجي ڪم تي ئي ڌيان ڏيڻ گهرجي، هي دور انٽرنيٽ ۽ جديد ٽيڪنالوجي جو دور آهي ان ڪري سڄي دنيا اندر آرٽ جي حوالي سان ٿيندڙ ڪم کي به ڌيان سان ڏسڻ جي ضرورت آهي، هتي ڀلي اهي سهولتون نه ملنديون هجن جيڪي سڌريل ملڪن جي آرٽسٽن کي ملي وڃن ٿيون، پر اڳتي اچڻ جي لاءِ سخت محنت جي ضرورت آهي ۽ سٺو آرٽسٽ اڳتي ضرور نڪري وڃي ٿو، سٺي آرٽسٽ ۽ سندس ڪم جو هاڻ قدر ضرور ٿيندو، حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے