12 پیر , نومبر 2018

امر پيرزادي جو ڪتاب ”فنا“ ۽ ان ۾ ڇپيل غزلن جي گهرائي:هادي

ڪڙي ڪڙي سان جڏهن ملندي ته زنجير جڙي پوندي آهي ۽ جڏهن زنجير جڙندي آهي ته انهيءَ جي جهڻڪار اتحاد ۽ امن جي علامت باسندي آهي. امر پيرزادو به ان هڪ اهڙيءَ ڪڙيءَ جو تسلسل آهي. جيڪا ڪڙي سندس والد صاحب انور پيرزادي گهڙي هئي جا دورانديشيءَ جي ڪٿا ۽ دانش منديءَ جي علامت پڻ هئي جيڪا هن پنهنجي اولاد ڏانهن منتقل ڪري هڪ ادبي زنجير جوڙي هئي جنهن کي زنگ لڳڻ کان بچائڻ لاءِ سندس پٽ رات ڏينهن انهيءَ ڪوشش ۾ رڌل رهن ٿا، هتي آءٌ صرف امر پيرزادي جي باري ۾ ڳالهائيندس ته هن انهيءَ زنجير سان ادب جي ڪهڙيءَ ڪڙيءَ جو اضآفو ڪيو آهي.

امر پيرزادو شاعر آهي. هن صاحب جو شاعر هئڻ جو پڙاڏو منهنجي ڪن تڏهن پيو پيو هو.جڏهن هنن جي ڪنهن ويجهي مائٽ جو وهانءُ هيو. جنهن ۾ ناليواري راڳي حنيف لاشاريءَ شرڪت ڪئي هئي. انهيءَ محفل ۾ امر جو ڪلام به ڳايو ويو هو. انهيءَ وقت مون انور صاحب کي چيو هو ته ”مبارڪ هجئي جو تنهنجو پٽ شاعر آهي جيڪو مستقبل جو تمام سٺو شاعر ثابت  ٿيندو.“ انهيءَ کانپوءِ اسان ڪيترا سال هڪٻئي کان پري رهياسين. هن وقت امر پيرزادو پنهنجي والد صاحب جي خوابن کي تعبير ڏئي رهيو آهي.

امر هن وقت بچپن جون منزلون طئي ڪري جوانيءَ جي پيچرن تي رَسي چڪو آهي ۽ شاعرن اديبن ۾ نالو ڳڻائي چڪو  آهي. هن وقت سندس ٻه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.  جن جا هي عنوان آهن هڪ، ”عشق“ ۽ ٻيو آهي ”فنا“ سندس پهرين مجموعي ”عشق“ جي ته مونکي ڪا ڄاڻ ڪونهي پر سندس ٻئي مجموعي ”فنا“ جي مهورت جي رپورٽ روزانه عوامي آواز اخبار جي سنڊي مئگزين ۾ شايع ٿي آهي.

فنا! لفظ پڙهي سوچيم ته ڪيترو نه ڀيانڪ لفظ آهيجيڪو فقط صوفي ئي ساهه ۾ سانڍي سگهي ٿو. جنهن ”فنا“ کي رسي ”حضرت عشق“ جي تابش کي پنهنجي وجود ۾ سمائي رکيو آهي ۽ قدم به قدم ان الحق جو نعرو هڻي پنهنجي وجود کي ڀسم ڪري ڇڏيو آهي. مون اهو سوچي پنهنجو پاڻ سان وچن ڪيو ته امر جي هن ڪتاب فنا کي پنهنجو تاثر ضرور لکندس. ڇو ته حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو. هڪ نه هڪ ڏينهن آءٌ به فنا ٿي ويندس. جنهن جي آکاڙي ۾ آءٌ هن وقت گهمي رهيو آهيان.

ڀٽائي سرڪار ته مون کي دعا وت ڏئي سڏي ٿو ته

اوچو گهڻُ اتانهون، جئڻ کي جبل

مرڻ مون سين هل، پٺيءَ ٿو ٻنڌڪيان!

فنا مجموعي جي تخليقڪار امر پيرزادي وٽ جڏهن ڪنهن دوست جي وڇوڙي جو درد کوپا کوڙي ويهي ٿو رهي ته هو چوڻ لڳي ٿو ته

حياتي ايتري فاني

اهيو تو ڪيو ڇا جاني!

اسانجو هي سهڻو سلوڻو شاعر به فنا کان ڪيترو نه متاثر ٿو لڳي اها هڪ صوفي فقير جي منزل هوندي آهي. جيڪا امر ۾ نمايان آهي.

هي شاعر مٿين غزل جي  بند ۾ سنئون سڌو خدا پاڪ سان مخاطب آهي. جو پڻ ميارن جي واٽن تي گامزن آهي اتي سندس محبت، حجت ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي ٿي.

امر پيرزادو پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ انيائن تي به پنهنجي قلم کي تحرڪ ۾ آڻي ٿو. دوکي بازي، ناانصافي جيڪا چرٻٽ راجا جي ياد کي تازو رکي ٿي. تي به چئي ٿو ڏي ته…

قتل هر صاف ٿي وڃي ٿو هتي

ايئن انصاف ٿي وڃي ٿو هتي!

خون تاريخ جو کنيون ٿو وتي،

پوءِ به اشراف ٿي وڃي ٿو هتي!

اهي ڪيڏا نه ڏاهپ جا لفظ آهن. جن خوبصورت غزل جي صورت اختيار ڪئي آهي.

امر وٽ فطرت پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ کي پوري جوش ۽ خروش سان نکيريون بيٺي آهي.جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو وقت جو هڪ تمام سٺو شاعر اديب آهي. هن جي اندر ۾ جيڪا ”حضرت عشق“ چڻنگ دکائي آهي اهاهڪ ڏينهن ادبي دنيا ۾ رچنا جا سوين رنگ رچائي، وڏي ڪنهن مچ کي مچائي روشني قائم دائم رکندي.

دنيا ته هونئن ڏکن جو ڏيهه آهي پر جيڪڏهن ڪنهن هم خيالي دوست جو وڇوڙو پلئه پئجي وڃي ٿو جنهن جي وري ملڻ جي راهه نظر ناهي ايندي ته دل مان ازغيبي اٻاڪ اڀري نڪرندو آهي. اتي جيڪڏهن صدمي وارو شخص شاعر آهي ته اُتي وڇوڙي ورتل شعر جنم وٺندو آهي. جنهن مان سندس درد جي پيڙا پرکي سگهبي آهي، اهڙي هڪ شعر امر وٽ به جنم ورتو آهي.

امر چوي ٿو ته

 

رنگبرنگي رلهي ڪا هئي ساٿ جي،

سا اڪيلي وئي ڪيئن سمجهي وري!

هي اُهي سٽون آهن جي دردن سان گڏ نپوڙ جي اندر مان ٻاهر نڪتون آهن جن لفظن کي امرتا بخشي آهي. هونئن ئي شاعر ته سور پياڪ ئي ٿيندا آهن.امر جي اندرين انسان کي پرکڻ لاءِ اهي ٻه سٽون ئي ڪافي آهن. جن کي پڙهڻ سان پروڙ پئي ٿي ته امر امرتا ماڻي آهي.

امر پيرزادي وٽ عشق اونهاري جي منجهند جيان اُٻڙڪون کائي رهيو آهي جو پنهنجي پرينءَ (مقصد) کي پسڻ خاطر وڏي ڪنهن انتظار سان جهيڙي رهيو آهي. پر هن جو پرين بي پرواهه هن جي نگاهن کان اوجهل ٿو رهي. اتي سندس اندر مان بي اختيار هڪ ميار جي مالها پوئجي نڪري ٿي ته

عشق منهنجو ڪيترو بي چين آ،

حسن تنهن جو ڪيترو آرام ۾،

اِهو آهي امر پيرزادو جنهن ۾ شاعر هئڻ جو ڳُڻ صاف صاف نظر اچي رهيو آهي. منهنجي دعا آهي ته خدا پڪ شل هن جي ڏات ۽ ڏانءُ کي هر ڪوسي لهر کان پنهنجي امان ۾ رکي.آمين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے