20 منگل , نومبر 2018

وڌيڪ معاوضو وٺندڙ ؛ بلبلي جي خوبصورت عائشه عمر 

پاڪستاني ماڊل، ايڪٽريس عائشه عمر  12 آڪٽوبر  1981 ۾ لاهور ۾ جنم ورتو،  هن   سال 2006 ۾ شوبز انڊسٽريز ۾ پير پاتو، عائشه عمر کي بلبلي سيريل ۾ خوبصورت ۽ ليڊيز پارڪ ۾ نتاشه جي ڪردار شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. عائشه عمر پنهنجي منفرد اداڪاري جي ڪري شوبز دنيا ۾ پنهنجي هڪ ڌار حيثيت رکي ٿي.  هوءَ پاڪستاني  ڊرامن ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪارا  آهي.  عائشه عمر هوئين فلمي دنيا ۾  2015 ۾ فلم ڪراچي سي لاهور تڪ ذريعي پير پاتو.  عائشه عمر ڪيترن ئي ڪمرشلز ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي. جنهن ۾ ڪيترن ئي مشهور برينڊز جا ايڊز  شامل آهن. نجي ٽي وي جي ڊرامي زندگي گلزار هي ۾ عائشه عمر، فواد خان جي ڀيڻ جي ڪردار ۾ نظر آئي، جنهن ۾ پڻ سندس ڪارڪردگي کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. عائشه عمر  هڪ بهترين اداڪاره سان گڏوگڏ هڪ بهترين انسان به آهي، سندس ور اسٽائل ڪردار  ۽ لڪس کيس ٻين اداڪارائن کان  مختلف ڪن ٿا. عائشه عمر جتي اداڪاري ۾ ننڍي ۽ وڌي پردي تي پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن اتي ئي هن ڪجهه گانا به ڳايا.  سندس پهريون گانو من چلا هو جيڪو هن لڪس لاءِ ڳايو هو جنهن بعد هن پنهنجي سيريل  ليڊيز پارڪ جو ٽائٽل سانگ  بهولي يادون  ۽ منجلي جو ٽائٽل سانگ منجلي به  ڳايو.

عائشه عمر   2015 ۾ پنهنجي ساٿي اداڪار اظفر رحمان سان گڏ  حيدرآباد کان ڪراچي ايندي روڊ حادثي جو شڪار ٿي وئي. جنهن ۾ کيس تمام گهڻا ڌڪ رسيا، پر هو پنهنجو علاج ڪرائڻ بعد واپس انڊسٽري ۾ موٽي آئي. کيس  لڪس اسٽائل ايوارڊز سوڌ ٻين ڪيترن ئي ايوارڊز سان نوازيو ويو عائشه عمر کي ڪيريئر دوران ڪيتري ئي تنقيد کي به منهن ڏيڻو پيو پر  هو هميشه پنهنجي مٿان ٿيندڙ تنقيد کي هاڪاري انداز ۾ و ٺي اڳتي وڌندي رهي ٿي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے