17 ہفتہ , نومبر 2018

ايشيا ڪپ 2018: ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آ؟:شاهه رخ سنديلو

جڏهن به ڪرڪيٽ ايشيا ڪپ جي ڳالهه ڪجي ته سڀ کان پهريان ذهن ۾ خيال ايندو آهي پاڪ – ڀارت مقابلي جو، ڇو ته اها رڳو ٻن ٽيمن وچ ۾ ميچ نه پر ٻنهي ملڪن جي ڪروڙين عوام لاءِ ڄڻ ته عزت جو سوال هوندو آهي، جڏهن ته اڄ جي جديد دور ۾ جتي ميڊيا بااختيار ۽ آزاد ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اتي ئي وري سوشل ميڊيا تي به واهپيدارن جو بحث مباحثو ان مقابلي جي حوالي سان عوام جي دلچپسي وڌائي ڇڏيندو آهي، جيتوڻيڪ ايشيا ڪپ ۾ سريلنڪا ۽ بنگلاديش جون ڪرڪيٽ ٽيمون به حصو وٺنديون آهن، جڏهن ته هن ڀيري ٻه نيون ٽيمون افغانستان ۽ هڪ ڪواليفاءِ ڪندڙ ٽيم به ايڪشن ۾ نظر ايندي پر ان باوجود عوام کي انتظار هوندو، دنيا جي سڀ کان وڏي مقابلي پاڪ – ڀارت ميچ جو، ان جو وڏو سبب اهو به آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ٻنهي ملڪن ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ سبب گڏيل سيريز نه ٿيڻ جي ڪري رڳو وڏن ايونٽن ۾ آمهون سامهون ٿينديون آهن ۽ پوءِ مداحن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هوندو آهي.

هن ڀيري ٿيندڙ ايشيا ڪپ جي حوالي سان جيڪڏهن ڳالهه ڪجي فيوريٽ ٽيمن جي ته اهي به روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ئي آهن، جيڪي ٽائيٽل ماڻڻ لاءِ آخري حد تائين مقابلو ڪري سگهن ٿيون پر جيڪڏهن انهن ٻنهي ٽيمن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪئي وڃي ته يقينن هن وقت پاڪستاني ٽيم جو پاسو وزنائتو نظر اچي رهيو آهي.

پاڪستان:

گرين شرٽس لاءِ سڀ کان وڏو ايڊوانٽيج ايشيا ڪپ جو دبئي ۾ ٿيڻ آهي، ڇو ته دبئي هن وقت پاڪستان جو هوم گرائونڊ آهي ۽ قومي ٽيم جي دبئي ۾ ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي اهو چئي ٿو سگهجي ته اها سولائيءَ سان هار نه کائيندي، ان سان گڏوگڏ اها ڳالهه به سرفراز اليون جي حق ۾ آهي ته ٽيم ۾ هن وقت اڪثريت پاڪستان سپر ليگ مان اُڀري ايندڙ رانديگرن جي آهي، جيڪي دبئي جي ڪنڊيشن بابت چڱيءَ ريت واقف هوندا، فخر زمان، شاداب خان، حسن علي، آصف علي، فهيم اشرف، شاهين شاهه آفريدي ۽ ٻين دبئي جي ميدانن تي ئي پنهنجون صلاحيتون سليڪشن ڪميٽي کي متاثر ڪيو ۽ قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي، ان سان گڏوگڏ تجربي ڪار آل رائونڊر محمد حفيظ سريلنڪا خلاف ۽ نوجوان بيٽسمين بابر اعظم ويسٽ انڊيز خلاف لاڳيتو ٽن سينچرين جو ڪارنامو به انهن دبئي جي گرائونڊن تي ئي انجام ڏنو هو، جڏهن ته گهٽ ميچن ۾ هزار ون ڊي رنسون مڪمل ڪري دنيا جي پهرين بيٽسمين جو اعزاز حاصل ڪندڙ جارحاڻي اوپننگ بيٽسمين فخر زمان جو فارم ۾ هجڻ به مخالف ٽيمن لاءِ خطري جي گهنٽي آهي ۽ سينئر بيٽسمين شعيب ملڪ ڪنهن به وقت ٽيم کي ڏکيائين مان ڪڍڻ جو تجربو رکي ٿو. بالنگ جي شعبي ۾ چيمپيئنز ٽرافي 2017 فائنل جو هيرو محمد عامر مخالف ٽيمن جي بيٽسمينن کي ڏکيائين ۾ وجهڻ جو هنر چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو. پاڪستاني ٽيم گذريل ٻن ورهين کان وٺي ٽي 20 فارميٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽاپ پوزيشن برقرار رکي آهي ۽ سڀني رانديگرن جي پرفارمنس به متاثر ڪندڙ رهي آهي پر 50 اوورن جو فارميٽ مختلف آهي، جنهن ۾ گرين شرٽس جو پنجون نمبر آهي، تنهن هوندي گهڻيون شيون پاڪستان جي حق ۾ آهن. ايشيا ڪپ لاءِ اعلانيل 16 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ ۾ ڪپتان سرفراز احمد، شان مسعود، امام الحق، فخر زمان، شعيب ملڪ، حارث سهيل، آصف علي، بابر اعظم، شاداب خان، محمد نواز، حسن علي، عثمان خان شنواري، محمد عامر، جنيد خان، شاهين آفريدي ۽ فهيم اشرف شامل آهن.

ڀارت:

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سڀ کان وڌيڪ 6 ڀيرا ايشيا ڪپ کٽيندڙ ڀارتي ٽيم هر وڏي ايونٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي آهي ۽ سندن بيٽنگ جو شعبو اهڙو آهي، جنهن کي دنيا جي مضبوط ترين بيٽنگ لائين سمجهيو ويندو آهي، ڀارتي ٽيم ون ڊي رينڪنگ ۾ پڻ هن وقت ٻي پوزيشن تي موجود آهي، جيڪا هن ايشيا ڪپ ۾ ٽائيٽل جو بچاءُ ڪري رهي آهي پر ڀارتي رانديگرن لاءِ دبئي جي ڪنڊيشن مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي، ڇو ته اهي پاڪستان سان گڏيل سيريز نه ٿيڻ سبب دبئي جي ميدانن تي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان محروم رهيا آهن ۽ پاڪستان سپر ليگ ۾ به ڪنهن ڀارتي ڪرڪيٽر کي کيڏڻ جو موقعو ناهي ملي سگهيو جو کين دبئي جي ميدانن تي کيڏڻ جو تجربو هجي، جڏهن ته گذريل ڪجهه عرصي کان وٺي سواءِ ورات ڪوهلي جي ٻين ڀارتي رانديگرن جي ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ ناهي رهي، جيڪو ڀارت جي انگلينڊ خلاف سيريز دوران به ڏسڻ ۾ آيو پر ان سڄي صورتحال ۾ حيران ڪندڙ ڳالهه ايشيا ڪپ لاءِ اعلانيل ڀارتي اسڪواڊ ۾ ورات ڪوهلي جو شامل نه هجڻ آهي، ورات ڪوهلي کي آرام ڏيڻ خاطر کيس ايشيا ڪپ نه کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سندس غير موجودگيءَ ۾ روهت شرما کي ڀارتي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو اڳ به سٺي نموني اها ذميواري نڀائي چڪو آهي، بظاهر طور ته ورات ڪوهلي کي ايشيا ڪپ نه کيڏائڻ وارو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي پر ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا، اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو. ايشيا ڪپ لاءِ اعلانيل ڀارتي اسڪواڊ ۾ روهت شرما (ڪپتان)، شيکر ڌون (نائب ڪپتان)، لوڪيش راهول، امباتي رائيدو، منيش پانڊي، ڪيدر جاڌو، مهيندرا سنگهه ڌوني، دنيش ڪارٿڪ، ڀونيشور ڪمار، ڪلديپ يادو، يزويندرا چاهل، اڪشر پٽيل، شردُل ٺاڪر، هرديڪ پانڊيا، جسپريت بمرا ۽ خليل احمد شامل آهن. انگلينڊ خلاف ون ڊي ميچن جي سيريز جو حصو رهندڙ ڪپتان ورات ڪوهلي سميت شرياس آئير، سڌارٿ ڪول، سريش رائنا ۽ اميش يادو کي ٽيم ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.

سريلنڪا:

ڪمار سنگاڪارا، مهيلا جئي وردني ۽ تلڪرتني دلشان جي رٽائرمينٽ کانپوءِ لاڳيتو ڏکيائين کي منهن ڏيندڙ سريلنڪن ٽيم مان ايشيا ڪپ ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جي اميد نٿي رکي سگهجي، سريلنڪن ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جو اندازو تازو ڏکڻ آفريڪا هٿان کين هوم گرائونڊ تي ون ڊي سيريز ۾ 2-3 تان مليل شڪست مان لڳائي سگهجي ٿو. ايشيا ڪپ ۾ ڪاميابي لاءِ انجيلو ميٿيوز، دنيش چندي مل ۽ ٿسارا پريرا سان گڏ ٻين سريلنڪن رانديگرن کي به ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ايشيا ڪپ لاءِ سريلنڪن ٽيم ۾ انجيلو ميٿيوز ڪپتان، ڪوسل مينڊس، اپل ٿرنگا، دنيش چندي مل، اڪيلا ڌنانجيا، دلروان پريرا، اميلا اپونسو، ڪاسون راجٿا، دشمنٿا چميرا، سرنگا لڪمل، لاسٿ ملنگا، دنوشڪا گناٿلاڪا، ٿسارا پريرا، ڊاسن شناڪا، ڌنانجيا ڊي سلوا ۽ ڪوسل پريرا کي کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

بنگلاديش:

جيڪڏهن ڳالهه ڪجي بنگلاديشي ٽيم جي ته اها سدائين قسمت جي حوالي سان پُٺتي رهي آهي ۽ هيل تائين ٿيل 13 ايشيا ڪپ ايونٽن مان هڪ به پنهنجي نالي ناهي ڪري سگهي، بنگلاديش جي ٽيم ٿيل سمورن ايونٽن ۾ رڳو ٻه ڀيرا فائنل تائين پهچڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. بنگلاديشي ٽيم جي سڀ کان وڏي ڪمزوري آهي دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهڻ، اهو ئي سبب آهي جو اها وڏين ٽيمن خلاف ڪاميابيءَ جي دَر تي پهچي گوڏا کوڙي ڇڏيندا آهي. هلندڙ سال جون ۾ ڀارت ۾ کيڏيل ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ افغانستان هٿان وائيٽ واش شڪست به بنگلاديشي ٽيم جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان ڇڏيو هو پر جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽڻ کانپوءِ بنگالي رانديگرن جو مورال ڪجهه بلند ٿيو هوندو. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميشن ايشيا ڪپ لاءِ مشرفي مرتضيٰ (ڪپتان)، شڪيب الحسن، تميم اقبال، محمد مٿن، مٽن ڪمار، مشفق الرحيم، عارف الحق، محمد الله رياض، مصدق حسين، نظم الحسين، مهدي حسن، نظم الاسلام، روبيل حسين، مستفيض الرحمان ۽ ابو حيدر جي چونڊ ڪئي آهي.

افغانستان:

افغانستان اها ٽيم آهي، جيڪا ڪنهن کي به اپ سيٽ شڪست ڏئي سگهي ٿي، افغانستان جي ٽيم ۾ بهترين بيٽسمينن ۽ بالرن سان گڏوگڏ سٺا آل رائونڊر پڻ موجود آهن، جڏهن ته دبئي جيڪو افغانستان جو به هوم گرائونڊ آهي، اتي يقينن اها ٽيم ڪنهن کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿي. بنگلاديش کي ٽن ٽي 20 ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش شڪست ۽ تازو آئرلينڊ خلاف ون ڊي سيريز ۾1-2 تان ڪاميابي افغان رانديگرن جا حوصلا وڌائي ڇڏيا هوندا پر ان ٽيم جو سڀ کان وڏو مسئلو تجربي جي کوٽ آهي، جنهن جو اندازو سندن ڀارت خلاف کيڏيل تاريخ جي پهرين ٽيسٽ ميچ مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڀارتي ٽيم رڳو ٻن ڏينهن اندر افغانستان کي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي سڀ اندازا غلط ثابت ڪري ڇڏيا هئا. ايشيا ڪپ لاءِ اعلانيل افغانستان جي ٽيم ۾ اصغر افغان (ڪپتان)، محمد شهزاد، جاويد احمدي، رحمت شاهه، سميع الله شنواري، حشمت الله شاهدي، نجيب الله زدران، محمد نبي، گلبدين نائب، راشد خان، مجيب الرحمان، آفتاب عالم، احسان الله جنت، سيد شيرزاد، شرف الدين اشرف، وفادار ۽ منير احمد ڪاڪڙ شامل آهن.

14هين ايشيا ڪپ جو ميلو 15 سيپٽمبر کان دبئي ۾ سَجندو، جنهن لاءِ سڀني ٽيمن طرفان ڀرپور تياريون ڪيون ويون آهن. ايونٽ ۾ حصو وٺندڙ 6 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، گروپ اي ۾ پاڪستان، ڀارت ۽ هڪ ڪواليفاءِ ڪندڙ ٽيم شامل هوندي، جڏهن ته گروپ بي ۾ سريلنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان کي رکيو ويو آهي. ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون 19 سيپٽمبر تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ايشيا ڪپ 2018 جو فاتح ڪير ٿيندو، اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر مداحن کي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ضرور ملندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے