15 جمعرات , نومبر 2018

انگلينڊ جو خوبرو، ريڪارڊ ساز ۽ جينٽلمين اليسٽرڪُڪ رٽائر ٿي ويو!:سرمد سولنگي

هاڻ اسان کي انگلش ڪرڪيٽ ٽيم ۾ خاص طور ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اهو مزاحمتي بيٽسمين نظر نه ايندو جنهن ڪيترن ئي ميچن ۾ اڪيلي سر انگلش ڪرڪيٽ لاءِ نا ممڪن کي ممڪن بڻايو هو. هاڻ  انگلش ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ ِسلپ پوزيشن تي سدائين چهري تي فاتحاڻي مرڪ سجائي فيلڊ ڪندڙ هاءِ ڪلاس لُڪ وارو اليسٽرڪُڪ ڪڏهن به نظر نه ايندو.

انگلينڊ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 150 ورهين جي تاريخ ۾ انگلينڊ لاءِ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ اليسٽرڪُڪ سڀاڻي سومر ڏينهن ڀارت خلاف سريز جي پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ کيڏڻ کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجن ٻارهن ورهين جي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ اليسٽرڪڪ ڪيترائي اعزاز پنهنجي نالي ڪيا جن ۾انگلينڊ لاءِ سڀ کان وڌيڪ  160 ٽيسٽ ميچون کيڏڻ ، سڀ کان وڌيڪ 12254 رنسون ، سڀ کان وڌيڪ 32 سينچريون، انگلينڊ لاءِ سڀ کان وڌيڪ 150 يا ان کا وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو  11 ڀيرا اعزاز،  سڀ کان وڌيڪ لاڳيتو 158 ٽيسٽ ميچون کيڏڻ، ڪپتان طور سڀ کان وڌيڪ  59 ٽيسٽ ميچن ۾ انگلش ٽيم جي اڳواڻي ڪرڻ ۽ انگلش رانديگر طور سڀ کان وڌيڪ 173 ڪيچ وٺڻ  جهڙا ريڪارڊ شامل آهن. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمينن جي فهرست ۾ ڪُڪ جو ڇهون نمبر آهي ۽ اوپنر طور ريڪارڊ 11627 رنسون اسڪور ڪري چڪو آهي.

سال 2012 ۾ انڊريو اسٽراس بعد اليسٽرڪُڪ کي انگلش ٽيم جو ڪپتان بڻايوويوهو. 92 ون ڊي ۽ 4 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ انگلش ٽيم جي نمائندگي ڪيائين ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 3 هزار 204 ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ 61 رنسون ٺاهيائين ، هن ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 5 سينچريون ۽ 19 ففٽيون اسڪور پڻ اسڪور ڪيون پر سندس اصل سڃاڻپ ٽيسٽ ڪرڪيٽ رهي.

59 ٽيسٽ ميچن ۾ انگلش ٽيم جي قيادت ڪندڙ اليسٽرڪُڪ پنهنجي ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪندي چيو ته مون ۾ وڌيڪ همت ناهي، مان اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري چڪو آهيان جنهن جي باري ۾ ڪڏهن سوچو به نه هو، مونکي فخر آهي جو  ايڏو وڏو عرصو عظيم انگلش ڪرڪيٽرن سان کيڏڻ جو موقعو مليو. پنهنجي پيغام ۾ اليسٽرڪُڪ چيو ته عالمي ڪرڪيٽ ڇڏڻ وارو فيصلو تمام گهڻو سخت ۽ ڪيترن ئي مهينن جي سوچ ويچار بعد ڪيو، پنهنجن ڪيترن ئي ساٿي رانديگرن سان ٻيهر ڊرسنگ روم شيئر نه ڪرڻ وارو خيال منهنجي ان فيصلي جو سڀ کان سخت حصو هو، پر ماڻ ڄاڻان ٿو ته هي صحيح وقت آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مان سڄي ڄمار ڪرڪيٽ سان پيار ڪيو آهي، ننڍپڻ کان پنهنجي پارڪ ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ کي ۽ ڪڏهن به انگلينڊ جي شرٽ پائڻ کي وساري نٿو سگهان. انڪري مان ڄاڻان ٿو ته هي صحيح وقت آهي جو نوجوان نسل کي موقعو ڏنو وڃي ۽ هو اهو محسوس ڪري سگهن ته پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ سان ڪيترو فخر ٿيندو آهي.

کاٻي هٿ سان بيٽنگ ڪندڙ اليسٽرڪُڪ پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ 21 ورهين جي ڄمار ۾ کيڏي سال 2006 ۾ ناگپور جي ميدان تي ڀارت خلاف مائيڪل وان جي جاءِ تي اليسٽرڪُڪ کان ٽيسٽ ڊبيو ڪرايو ويو جنهن پنهنجي پهرين اننگز ۾ 60 رنسن جي اننگز ۽ ٻي اننگز ۾ ناٽ آئوٽ سينچري اسڪور ڪري عالمي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي انٽري جو اعلان ڪيو. جارحاڻي مزاج انڊريو اسٽراس ۽ ڪيون پيٽرسن سان ڊگهو عرصو اوپنگ ڪرڻ جو تجربو رکندڙ اليسٽرڪُڪ تي ڪڏهن به انهن جي صحبت جو اثر نه پيو ۽ هن سدائين مخالفن کي وات بجاءِ بيٽ سان جواب ڏنو.

اليسٽرڪُڪ جي ريٽائرمنٽ بعد انگلش ڪرڪيٽ جو هڪ پورو ڪلاسيڪل دور پنهنجي پڄاڻي ته پهتو ڇو جو اين بيل کانپوءِ هو اڪيلو ان عظيم انگلش فهرست جو بيٽسمين هو جنهن کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي سونهن چيو وڃي ته ڪو به واڌءُ نه ٿيندو. هو پنهنجي سموري ڪيريئر ۾ هڪ جيئنس ڪرڪيٽر طور ڪرڪيٽ کيڏيو جنهن جو اظهار مخالف ڪرڪيٽر پڻ وقت به ڪندا رهيا آهن. ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ اليسٽرڪُڪ جتي ڪيترائي اعزاز پنهنجي نالي ڪيا اتي ئي هلندڙ سال سندس ڪرڪيٽ ڪيريئر لاءِ ڪجهه خاص نه رهيو ۽ هن پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ هلندڙ سال سڀ کان گهٽ 18.62 جي ايوريج سان رنسون اسڪور ڪيون آهن ۽ ڀارت خلاف هلندڙ پنجن ٽيسٽ ميچن جي سريز ۾ هو هن وقت تائين هڪ به ففٽي اسڪور ناهي ڪري سگهيو. اليسٽرڪڪ اهڙن ڪرڪيٽرن منجهان آهي جيڪي ڪڏهن به ٽيم تي بار ناهن بڻيا ڪُڪ جو هي فيصلو انهن ڪرڪيٽرن لاءِ پڻ هڪِ پيغام آهي ته جڏهن توهان ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪو به ڪردار ادا نٿا ڪري سگهو ته پوءِ توهان ٽيم تي سواءِ بار جي ٻيو ڪجهه به ناهيو.

اليسٽرڪُڪ سٺو ۽ وقتائتو فيصلو ڪندي عالمي ڪرڪيٽ کان ڌر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو . اميد ته سندس ڇڏيل مشن کي نوجوان انگلش سائيڊ اڳتي وڌائيندي ۽ ڪرڪيٽ جو حسن کي برقرار رکندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے