16 جمعہ , نومبر 2018

اٺين ڪلاس جو شاگرد شيراز جوڻيجو جنهن تي ننڍڙي ڄمار ۾ وڏا بارَ پئجي ويا!:ساجد مسڻ

پيارو ٻارو اوهان کي اها خبر هجڻ گهرجي ته هي ٻار هن سماج لاءِ ايئن آهن جيئن ڪنهن باغ لاءِ مختلف رنگين گل!اچو ته هاڻي هڪ پياري ۽ سهڻي گل جي باري ۾ اوهان کي وڌيڪ ڪجهه ٻڌايون.

شيراز علي ولد (مرحوم) محمد نواز جوڻيجو جو جنم نصير آباد جي ڀرسان ئي هڪ تاريخي ڳوٺ چنهڙ ۾ ٿيو.هن جو تعلق به هڪ پڙهيل ڳڙهيل گهراڻي سان آهي، اهو ئي سبب آهي جو هي تعليم ۾ اڳڀرو رهندو آيو آهي.

شيراز کي چار ڀائر آهن، پر سڀني ڀائرن ۾ هي وڏو آهي،طبيعت ۾ خوش مزاج، سڀني سان مرڪي ملڻ هن جي طبيعت ۾ شامل آهي.والد صاحب جي اوچتي موت سبب هي جلدئي والد جي شفقت کان محروم رهيو آهي، پر اڄ به ننڍي عمر ۾ ذميوار ۽ پنهنجي جيجل ماءُ جو ٻانهن ٻيلي رهندو پيو اچي، جيڪا هن جي بي نظير خوبي چئبي.

هي جڏهن اڃان پنجين ڪلاس ۾ پڙهي رهيو هو ته سندس والد صاحب جو ڏوڪري جي ڀرسان سما ڳوٺ ۾ ايڪسيڊنٽ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن جي والد صاحب جو انتقال ٿي ويو.

هي ڀائرن ۾ وڏو ڀاءُ آهي، ان جي ڪري به پنهنجي والد جو دادلو ۽ ان سان گهڻو وقت گڏ رهندڙ پٽ رهيو آهي، والد صاحب جي هوندي شفقت جو سايو به هن جي مٿان ٻين ڀائرن جي ڀيٽ ۾ گهڻو رهيو هو.

پرائمري تعليم ۾ هي انڪري به ٻين شاگردن کان وڌيڪ هوشيار رهيو آهي جو هن تي چنهڙ ڳوٺ جي مهربان، خوددار ۽ شفيق هيڊ ماستر محترم قربان علي جوڻيجو جو هن جي مٿان خاص توجهه رهيو،

پرائمري تعليم هلندي هن تي وڌيڪ محنت هڪٻئي استاد سعيد احمد چنو به ڪئي ته جيئن هي تعليم ۾ ٻين شاگردن کان اڳڀرو رهي.

هي هن وقت گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول نصير آباد ۾ اٺين ڪلاس ۾ پڙهي رهيو آهي. روايتي طور ٻهراڙي جي ٻارن وانگر هن جي به خواهش رهي هئي ته مان به ڪي-جي اسڪول ۾ يونيفارم پائي  پڙهان ها، پر مناسب سهولتون  نه هجڻ ڪري هي پرائمري جا پنج درجا پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ پڙهيا.

ذهانت جي حوالي سان ٻهراڙي جو ٻار شهري ٻار کان وڌيڪ ذهين آهي، پر اسان وٽ الميو اهو آهي جو ننڍي عمر ۾ ئي اسان جي ٻارڙن کان مزدوري ڪرائي وڃي ٿي.

جڏهن ته شهر جي ٻارڙن تي سواءِ لکڻ پڙهڻ جي انهن کي ٻئي ڪنهن به قسم جي ذميواري نه ڏني ويندي آهي، ان سبب جي ڪري هو وڌيڪ محنت به ڪندا آهن ته ٻهراڙي جي ٻار کا وڌيڪ پر فارم به.

شيراز جوڻيجو کي استاد ٿيڻ جو گهڻو شوق آهي، هو چاهي ٿو ته مان وڏو ٿي استاد ٿيندس ۽ پنهنجي ڳوٺ جي سڀني ٻارڙن کي علم جهڙي لازوال زيور سان سينگاريندس ۽ سنواريندس.

هن جو چوڻ آهي ته ڳوٺن ۾ ٻارڙن کي پڙهڻ جا مناسب موقعا نٿا ملن،جنهن جو وڏو ڪارڻ غربت آهي.

اسان صبع جو ڪتابن جو ٿيلهو کڻي  اسڪول جي طرف نڪرون ٿا ته ٻئي طرف اسان سان ئي گڏ پڙهندڙ شاگرد ڪوڏرون ۽ ڪهاڙيون کڻي ٻني ٻاري جو ڪم ڪرڻ لاءِ روانا ٿين ٿا.

هن چيو ته ٻهراڙي ۾ ٻار صرف پنج درجا پڙهي ٿو، وڌيڪ ان کي ٻني ٻاري جي ڪمن ۾ مصروف ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري هو وڌيڪ نه ٿا پڙهي سگهن.

شيراز علي جوڻيجي کي تقرير ڪرڻ جو به گهڻو شوق آهي، هي هن وقت تائين ڪيترن ئي تقريري مقابلن ۾ پوزيشن کڻندو رهيو آهي.

شيراز طبيعت ۾ رحمدل، سنجيده ۽ سلڇڻو آهي، هن کي والد صاحب جي ڏنل محبت، شفقت ۽ پيار اڄ به ياد آهي، هن مون کي ڏک واري انداز ۾ ٻڌايو ته بابا سائين منهنجي هر خواهش پوري ڪندو هو، مونکي پاڻ سان هر پروگرام ۾ وٺي ويندو هو.

هاڻي بابا کانپوءِ مون تي منهنجي وڏي چاچي محمد قاسم جو شفقت وارو هٿ آهي.

هن جو چوڻ آهي ته شل رب پاڪ ڪنهن کي يتيم نه ڪري، والدين جهڙو سايو ٻيا ماڻهو ڪيتري به ڪوشش ڪن پر ادا نه ٿا ڪري سگهن,والدين طرفان ملندڙ پيار  بي خلوص ۽ لاغرض هوندو آهي.

آخر ۾ هن پڙهندڙن کي اهو پيغام ڏنو ته والدين جو چيو مڃو، ننڍڙن ڀائرن سان شفقت سان پيش اچو، ماءُ جي خدمت ڪيو، دل لڳائي پڙهو محنت ڪيو، هڪ ڏينهن ضرور ڪاميابي اوهان جا قدم چمندي.

ڪنهن جي به دل آزاري نه ڪيو، ڏکي وقت ۾ صبر ڪيو، ان کي ئي ڪامياب زندگي چئبو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے