21 بدھ , نومبر 2018

رپورٽ |ڪراچي : شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي ۾“ يوم دفاع ” جي تقريب، شهيدن کي ڀيٽا

ملڪي بچاءُ جي 53 هين ڏهاڙي تي ڪراچي جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي ۾“ يوم دفاع ” جي تقريب ڪوٺائي 6 سيپٽمبر جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

ان موقعي تي تقريب جي خاص مهمان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس عرفان سعادت خان چيو ته 6 سيپٽمبر اسان جي قومي هيرن جو ڏينهن آهي، جن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪئي.

هن چيو ته هو اڄ فخر محسوس ڪري رهيو آهي ته سندس ٻيو تعرف هڪ شهيد جو ڀاءُ هجڻ آهي….

ان موقعي تي وائيس ايڊمرل رٽائرڊ غازي اقبال فضل قادر چيو ته هو فخر محسوس ڪري ٿو ته 6 سيپٽمبر تي ملڪ جي حفاظت وقت هو به هن فوج جو حصو هيو، هن چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح ملڪ ٺاهڻ وقت اهو ئي چيو هو ته ملڪ جو وڌ ۾وڌ بچاءُ تعليم سان ڪري سگهجي ٿو…..

تقريب کي خطاب ڪندي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جسٽس رٽائرڊ قاضي خالد علي چيو ته 6 سيپٽمبر پاڪستاني فوج جي عظيم فتح جو ڏينهن آهي، هن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته……

ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪموڊور اڪبر نقي چيو ته فوج جي قربانين تي قوم فخر ڪري ٿي، فوج سرحدون سنڀالي، تعليم جي حفاظت محفوظ هٿن ۾آهي.

تقريب ۾شاگردن، قانوندانن سميت ماڻهن  وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي….

رپورٽ : رزاق عاصي

ڪئميرامين : غلام حسين

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: چوهڙ جمالي: ڳوٺ جان محمد جت ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ، نوجوان قتل

*چوهڙ جمالي  ويجهو ڳوٺ جان محمد جت ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو  جوابدار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے